ملير جا ويهن کان وڌيڪ ڳوٺ 15 ڏينهن کان پاڻي ۽ بجلي کان محروم، مک روڊ تي ڌرڻو

15ڏينهن کان ڳوٺ ۾ بجلي ناهي، پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهيون، نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرايو وڃي: مظاهرين

ملير جا ويهن کان وڌيڪ ڳوٺ 15 ڏينهن کان پاڻي ۽ بجلي کان محروم، مک روڊ تي ڌرڻو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ٽن طاقتور چونڊِيل نمائندن جي يوسي اولڊ ٿاڻو جا ويھ کان وڌيڪ ڳوٺ پندرهن ڏيهن کان پاڻي ۽ بجلي کان محروم، رهواسي رستن تي نڪري آيا سخت نعريبازي ،ملير سٽي کان ميمڻ ڳوٺ ويندڙ مک رستي تي صبح شام تائين لاڳيتو ڌرڻو ،ٽريفڪ معطل ڪنهن به نمائندي واهر نه ڪئي ،اسان جان نمائندا پيپلپزپارٽي ۽ سنڌ حۡڪومت جا سڀن کان وڌ بااثر ۽ طاقتور آهن پر اسان بجلي ۽ پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون مطالبا پورا نه ٿيا ته سندن گهيرائو ڪنداسين متاثر ڳوٺاڻن جون ميڊيا سان ڳالهيون تفصيل موجب ملير جي ٽن طاقتور چونڊِيل نمائندن صوبائي وزير سليم بلوچ، قومي اسيمبلي ميمبر حڪيم بلوچ ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد جي يوسي اولڊ ٿاڻو جا ويھ کان وڌيڪ ڳوٺ گذريل پندرهن ڏينهن کان پاڻي ۽ بجلي کان محروم آهن جنهن خلاف حاجي ميانداد ڳوٺ،مرادڳوٺ ،در محمد ڳوٺ،شفيع ڳوٺ،لاسي ڳوٺ،سمون ڳوٺ،ڀرو ڳوٺ،حاجي شمبي ڳوٺ،ملا عيسي ڳوٺ جا رهواسي تنگ ٿي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ملير سٽي کان ميمڻ ڳوٺ ويندڙ مک رستي تي صبح شام تائين لاڳيتو ڌرڻو هڻي وهي رهيا جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي احتجاج ڪندڙ ڇونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪري پاڻي جي بحالي جو مطالبو ڪندا رهيا پر ڪنهن به نمائندي ڳوٺاڻڻ جي واهر نه ڪئي ڳوٺاڻن عناصت بلوچ، سليم واحد بخش ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيئاندي چيو ته اسان جا نمائندا پيپلپزپارٽي ۽ سنڌ حۡڪومت جا سڀن کان وڌيڪ بااثر ۽ طاقتور نمائندا آهن پرافسوس اسان ووٽر بجلي ۽ پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون چتاءُ ڏنو ته مطالبا پورا نه ٿيا ته سندن گهرن جو گهيرائو ڪنداسين