English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي عوامي پريس ڪلب ۾ انساني صورتحال ۽اسانجو آئندو جي عنوان هيٺ سيمينار
views
|
10th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير سميت سڄي ڪراچي جي ٻھراڙين ۾ انساني بنيادي حقن جي بدترين لتاڙ آھي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي: مقرر
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ملير ۾ عوامي پريس ڪلب طرفان سنڌ ملير ۾ انساني صورتحال ۽اسانجو آئندو جي عنوان هيٺ سيمينار، سياسي سماجي اڳواڻن وڪيلن ۽ علائقي واسين جي وڏي تعدا ۾َشرڪت، ملير سميت ڪراچي ٻھراڙين ۾ انساني بنيادي حقن جي بدترين لتاڙ آھي پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زمين تي قبضا ڪري ڳوٺ ڊاهيا پيا وڃن انتظاميا عدالتون ۽ انساني حقن جا ادارا خاموش آھن خداڏنو شاھ، ايڊيوڪيٽ اشرف سمون، منان شيخ ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي ملير ۾ عوامي پريس ڪلب طرفان رزاق آباد ۾ سنڌ ملير ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽اسانجو آئندو جي عنوان هيٺ سيمينار ٿي گذريو جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڪيلن ۽ علائقي واسين جي وڏي تعدا ۾شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سياسي سماجي اڳواڻ خداڏنو شاھ چيو ته ڪراچي ٻھراڙين خاص طور تي ضلعي ملير ۾ بنيادي انسان حقن جي بدترين لتاڙ آھي صدين کان آباد ڌرتي ڌڻي پاڻي سميت سموري بنيادي انساني سھوليتن کان محروم آهن پھريون ڀيرو عوامي پريس ڪلب ملير ٻھراڙين ۾ انساني حقن تي سيمينار سڏائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو آھي هن چيو ته حق تي پنهنجي جاء تي پر ٻھراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جو جئياپو تنگ ڪيو ويو آھي ڳوٺ ڊاھڻ گهرن کي باهيون ڏيڻ زمين تي قبضا ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھي ۽ اسان جا ادرا خاموش تماشائي بڻيل آھن ڪنهن به انساني چارٽر تي عمل نٿو ڪيو وڃي سپريم جي ايڊوڪيٽ اشرف سمون چيو ته ڪراچي ٻھراڙين جي تاريخي حثيت کي ختم ڪري زمين وڪرو ڪرڻ جا قانوني بھانا تلاش ڪيا ويا آهن روينيو عدالتون ۽ قانون خريد ڪيا ويا آهن ڪٿي به انصاف ملڻ جو آسرو ناهي هن ملير سميت سڄي سنڌ جي عوامي کي اپيل ڪئي ته پنهنجي بقا ۽ انساني حقن کي حاصل ڪرڻ لاء متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪن قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ منان شيخ چيو ته اسان وٽ انساني حقن جو حال هي آھي ته ماڻهون قتل ٿي وڃي ته ڪيس داخل نٿو ٿي جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ مڙس زال تي تشدد يا پيءُ پٽ کي چماٽ هڻي تي ڪاروائي ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته انساني حقن جا علمبردار وڏي هوٽلن ۾َپروگرام ڪن ٿا جن جا حق هڙپ ٿيل ئي ناهن هن چيو ته سنڌو دريا مان 6ڪئينال ڪڍي انساني اخلاقي ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آھي ماڻهون رستن تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي ان موقعي تي عوامي پريس صدر سامي ميمڻ، سنڌ سماجي سٿ جي غلام نبي مگسي، جنسار هيسباڻي، فاروق ڀنگوار، عنايت شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
لاڑکانہ: گھریلو ناچاقی پر نوجوان خاتون شوہر کے ہاتھوں قتل، ملزم گرفتار
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے سینئر رہنما اور سندھ اسمبلی کے سابق اسپیکر آغا سراج درانی 72 برس کی عمر میں انتقال کر گئے
15th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جو ناميارو صحافي شبير بيدار ڀٽو
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پاکستان کی افغانستان کے اندر فوجی ٹھکانوں پر حملے، فتنے ہندستان کے مرکز کو نشانہ بنایا گیا
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ: ڪچي ۾ هٿياربندن هٿان 2 نوجوان قتل، سندن گهرن ۾ ڪهرام متل
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي پريس ڪلب
ملير
0 تبصرے