ڪراچي ۾ سينيئر صحافي فدا حسين جيسر کان ڦرلٽ، مٿس تشدد

محمود آباد جي بئنڪ مان هڪ لک 15 هزار ڪڍرايا، گهر ڀرسان 3 هٿيار بندن رستي روڪ ڪئي: فدا حسين جيسر

ڪراچي ۾ سينيئر صحافي فدا حسين جيسر کان ڦرلٽ، مٿس تشدد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سينيئر صحافي ۽ انگريزي اخبار ڪراچي ٽائيمز جي پبلشر فدا حسين جيسر کان لکين رپين جي ڦر ۽ مٿس تشدد. تفصيل مطابق ڪراچي جي سينئر صحافي ۽ ڪراچي ٽائمز جو پبلشر فدا حسين جيسر محمود آباد جي نجي بئنڪ مان ھڪ لک پندرنھن ھزار رپيا ڪڍرائي گھر اچي رھيو ھو تھ سندس گھر جي ڀرسان ٽن ھٿياربندن کيس يرغمال بڻائي مٿس تشدد ڪري کائنس رقم ڦري فرار ٿي ويا. اطلاع تي لاڳاپيل پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي اطلاع ڏنو ويو، جنھن ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦرٿيل رقم واپس ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آھي. اھڙي واقعي تي صحافين جاويد مھر، ذوالفقار راڄپر، نورمحمد ڪلھوڙو، راھب ڳاھو، قاضي اعجاز، ماجد سنديلو، سجاد ميراڻي مذمت ڪندي وزير اعليٰ سنڌ، گھرو وزير، آءِ جي سنڌ، لاڳاپيل ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي اپيل ڪئي تھ صحافي کان ڦر واري واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم برآمد ڪرائي وڃي.