English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ انصاف نه پيو ڪيو وڃي، ھٿرادو پاڻي کوٽ جو نشانو بڻايو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
06th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
تونسا ۽ چشمه ڪئنال ذريعي زبردستي 12 مھينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو، ٿل ڪئنال ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن ذريعي سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪجھ سالن کان سنڌ ۾ ڏڪار ھجڻ بابت وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آھي تہ پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ اقتدار خاطر سوديبازي جي ڪري سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ انصاف نہ پيو ڪيو وڃي. سنڌ کي ھٿرادو پاڻي کوٽ جو نشانو بنايو پيو وڃي. تونسا ۽ چشمه ڪئنال ذريعي زبردستي 12 مھينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. ٿل ڪئنال ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن ذريعي سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. جيڪو پاڻي سنڌ کي ملي ٿو اھو مخالفن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪرپٽ وزير پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ غير قانوني نموني پاڻي کڻي وڃن ٿا. ملندڙ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نٿي ٿئي. جنھنڪري سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جون پاليسيون زرعي سڌارن ۽ معاشي سڌارن واريون ناھن. سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ڪري ھارين، آبادگارن ۽ عام ماڻھن جي زندگي سخت متاثر ٿي آھي. سنڌ جي پورھيت طبقي جي زندگي ۾ بھتري يا سڌارو اچڻ بدران بدحالي آئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اصل مسئلو ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جو آھي. شفافيت نہ ھجڻ ڪري ڪو بہ منصوبو عوام کي فائدو ڏيڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. بيوروڪريسي جون مقرريون رشوت سان ٿين ٿيون. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون. انھي صورتحال ۾ عوام کي انصاف ملڻ ڪيئن ممڪن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. غربت انتھا کي پھچي وئي آھي. ھڪ طرف ملڪ سياسي ۽ معاشي بحرانن ۾ جڪڙيو پيو آھي تہ ٻئي طرف سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنھنڪري سنڌ ۾ لکين ماڻھو رستن تي احتجاج ڪري رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے