شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن، تحقيق ڪن: اياز لطيف پليجو

ٻارڙا اسان جو روشن مستقبل آهن انهن کي سخت محنت سان پڙهائي، تعليم، رانديون، مقابلا، ڪامپيٽيشن پروگرام ڪرائڻ سان ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيندي

شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن، تحقيق ڪن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد جي مختلف پرائيوٽ اسڪولن ۽ جنون ورنچر تنظيم پاران سب ستاري هماري هين جي عنوان سان پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو۔ سيمينار جو مهمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ھو ان موقعي تي اياز لطيف پليجي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو تہ ٻارڙا اسان جو روشن مستقبل آهن انهن کي سخت محنت سان پڙهائي، تعليم، رانديون، مقابلا، ڪامپيٽيشن پروگرام ڪرائڻ سان ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيندي. اسان پنهنجي ٻارن کي ڪورس جي ڪتابن سان گڏ ڀٽائي، شيخ اياز، فيض، جالب، بخاري جي شاعري بہ پڙهايون جيئن هو پنهنجي ماڻهن ۽ ڪلچر سان جڙيل رهن، ٻارن کي خصوصن نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاء وڏا موقعا ڏيون جيئن هو دنيا جو علم پڙهي قابل ٿين.اياز لطيف پليجي چيو تہ علم، ادب ۽ ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن. شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن. استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن هم آهنگ ٿيڻو پوندو. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. اقليتن جي تحفظ، رواداري ۽ برابري سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻو پوندو. شاگرد سنڌ ۾ ڏوهن ۽ جهالت جو رستو روڪين. سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي. اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ھجڻ سان گڏ وڏا چئلينج بہ آھن۔ ترقي جي تيز ترين دور ۾ سنڌ بہ تيزي سان تبديل ٿي رھي آھي۔ نوجوان جاگيردارن، وڏيرن جي بنگلن جا چڪر لڳائڻ بدران نوجوانن کي گھرجي لائبريرين ۾ وڃي سي آيس آيس، پي سي ايس ايس جي تياري ڪن ميريٽ ذريعي اعلي مقام جي منزل حاصل ڪن علم جي تڙپ سنڌ جي نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ناقابل شڪست بنائي ڇڏيندي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سفارشي ۽ ڪرپشن ڪلچر اسان جي انفراسٽڪچر کي تباھ ڪيو آھن۔ وزيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي ھٿ۾ ڪجھ ناھي۔ سنڌ جو مستقبل نوجوانن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھٿ ۾ آھي۔ جيڪو ميريٽ لاء ڪوشش نٿو ڪري اھو ايندڙ دور جو اڻپڙھيو آھي۔ سڄي دنيا ۾ ميريٽ ذريعي اڳتي ايندڙ نوجوانن کي سڏي رھي آھي۔ آمريڪا، ڪينيڊا، چائنا، آسٽريليا، رشيا، جاپان ۽ ٻيا علم جي طاقت سان اڳتي وڌيل ملڪن جا اعلي تعليمي ادارا سنڌ جي ذھين ۽ علم لاء تڙپندڙ نوجوانن جي آجيان ڪري رھيا آھن۔ ھٿيارن جي طاقت سان دنيا فتح ڪرڻ جو دور گذري ويو۔ ھي دور ذھنن سان دنيا ۽ ملڪن کي فتح ڪرڻ جو آھي۔