سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مقبول خاصخيلي ۽ سندس زال زينت تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو

سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جو احتجاج، تحفظ لاءِ اپيل، بدين ضلع واسي مسمات زينت خاصخيلي سجاول جي عدالت ۾ مقبول خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، وارثن مان جان جو خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، تفصيل موجب : بدين ضلع جي ڪامارو ڳوٺ حاجي يوسف ميمڻ جا رهواسي مسمات زينت خاصخيلي ۽ مقبول خاصخيلي سجاول جي عدالت سڳوري ۾ حق نڪاح شادي ڪري ڇڏي جنهن بعد پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙو سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي مسمات زينت خاصخيلي چيو ته منهنجو پهريو مڙس نالي جاويد علي جيڪا ٻي شادي ڪري مونکي طلاق ڏئي گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آئون پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندي هيس پهرين مڙس مان مونکي ٻه اولاد هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ آهي نياڻي اڳوڻي مڙس وٽ ۽ پٽ مون وٽ آهي هاڻي مون پنهنجي رضا خوشي نالي مقبول خاصخيلي سان سجاول جي عدالت سڳوري ۾ حق نڪاح ڪيو آهي جنهن بعد منهنجو اڳوڻو مڙس جاويد علي، محمد شريف، صدام، نواز شفيع قادر بخش، عارب خاصخيلي ۽ ٻيا مونکي ۽ منهنجي مڙس مقبول خاصخيلي کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن .هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس بدين کي گهر ڪئي ته اسان کي انهن مان جان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.