خاص ٻارڙا اسان جي سماج جو اهم حصو آهن؛ عبدالخالق بلوچ
حيدرآباد(پريس رليز) خاص ٻارڙا اسان جي سماج جو اهم حصو آهن، انهن جي بهتر سار سنڀال اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (2) حيدرآباد عبدالخالق بلوچ، گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن پاران ڪيو ۽ بحاليءَ لاءِ اسپيشل چلڊرن، جي او آر ڪالوني، سينٽر حيدرآباد پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريجنل ڊائريڪٽر اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن محترم امين ميمڻ، پرنسپال محمد ناصر سولنگي. سلميٰ عادل – سيما سومرو. احسان ٽالپر نذير احمد ڀيو. ان موقعي تي اسپيشل ٻارن کان علاوه مختلف اسڪولن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو، هن چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل ٻارن جي تعليم… هن چيو ته انهن ٻارن جي تربيت ۽ بحالي تي وڏي پئماني تي خرچ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪريون. خاص ماڻهن سان يڪجهتي ۽ انهن جي حقن جي آگاهي جي اظهار طور ملهايو ويندو آهي، ان موقعي تي اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر امين ميمڻ چيو ته خاص ٻار خدا جي ڏنل صلاحيتن جا مالڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي صلاحيتن کي نکاري سگهجي سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. ان موقعي تي محمد ناصر سولنگي سمورن مهمانن جو استقبال ڪيو جڏهن ته نجمه قادر چند ۽ سلميٰ عادل. سيما سومرو ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر ۾ اسپيشل ٻارن جي تعليم. تقريب ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، ڪورس، اسڪول يونيفارم، لنچ ۽ پک اينڊ ڊراپ جون سهولتون مفت ڏنيون ويون، تقريب ۾ خاص ٻارن پاران خاص مهمان ۽ ٻين مهمانن کي سنڌ جو روايتي تحفو ڏنو ويو.
0 تبصرے