English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
درياھ،ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
170 views
|
02nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو
حيدرآباد (بيورو) سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ پنهنجي درياھ،ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.سنڌ جو عوام ڏوهن، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، ڪو بہ معاشرو رواداري ۽ برداشت کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي شاھ لطيف، سچل جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو.اسان کي سنڌي سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون بہ اسان کي عزيز آھن. سنڌ سميت سڄي ڏکڻ ايشيا امن، فن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏي ٿي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان مان ھرھڪ اھا قومي ذميداري کڻي تہ ھو ھر سال ڪن بہ ٽن کان پنجن قابل، محنتي، ايماندار ۽ ضرورتمند نوجوانن جي ڀرپور مدد ڪري، انھن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ پرڏيھ گھرائي انھن جي حال ۽ مستقبل کي بھتر بڻائڻ جو ذميدارانه ڪردار ادا ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ اوھان پرڏيھ ۾ رھندڙ انھن ماڻھن کان بھتر آھيو، جيڪي پاڻ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان چڱي شعبي يا بھتر ملڪ ۾ پھچي، پوءِ پنھنجي ڪروڙين محروم ۽ مظلوم وطن واسين کان لاتعلق ٿي، ذاتي ترقيءَ، فيملي اسٽيٽس، لئي ۽ مزن جي ڊوڙ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. ذاتي زندگي، خانداني ترقي ۽ انفرادي مزن کي بلڪل وقت ڏجي، پر ان سان گڏ پنھنجي صلاحيتن، وقت، واسطن، ڄاڻ ۽ تجربن جو ويھ کان ٽيھ سيڪڙو حصو پنھنجي قومي بقا، پنھنجي وطن، وسيلن، عوام ۽ انسانيت جي تحفظ، امن، انصاف، برابري ۽ ترقيءَ لاءِ بہ استعمال ڪجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت پاڻ سنڌ واسي، پنھنجن پاڙيسري ملڪن ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻھن جي ڀيٽ ۾ پرڏيھ ۾ پنج سيڪڙو بہ ناھيون. اوھان فارين ۾ رھندڙ نوجوانن جي ڪمٽمينٽ ۽ سنجيدگي کي نظر ۾ رکندي، آئون اوھان سڀني کي صلاح ڏيندس تہ مختلف انڊر گريجوئيٽ، گريجوئيٽ، سيمسٽر ايڪسچينج، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽريٽ ۽ ٻين تعليمي ڊگرين، ويزائن جي طريقي ڪار، اسڪالرشپس، اميگريشن ۽ روزگار جي موقعن بابت، ننڍيون ٽن کان اٺن منٽن جون ويڊيوز ٺاھي، اھي اوھان پنھنجن اباڻن ضلعن ۽ آس پاس جي سمورن تعلقن ۽ ڳوٺن جي ھر شاگرد تائين پھچايو ۽ يوٽيوب تي رکو، اخبارن، رسالن، ولاگز، بلاگز ۽ فيسبڪ ذريعي ننڍڙا معلوماتي آرٽيڪلز لکو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھر سال باقائدگيءَ سان سنڌ اچو ۽ ھڪ ٻہ ھفتا پنھنجي اباڻي شھر يا ڳوٺ ۾ رھو، ان دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ معلوماتي ليڪچر ڏيو، لائبريرين، اڪيڊميز، اسڪولن ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيو ۽ ڄاڻ پکيڙيو. جي ممڪن ٿي سگھي تہ پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ڪمپيوٽر سينٽر، اڪيڊمي يا لائيبريري قائم ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
سنڌ فرينڊس فورم
دبئي
0 تبصرے