عمرڪوٽ جي هاءِ اسڪول ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

شريمتي ساوتري ٻائي ٽرسٽ ۽ سپر مصطفيٰ ميڊيڪل اسٽور پاران مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

عمرڪوٽ جي هاءِ اسڪول ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي ھاء اسڪول نمبر ون ۾ شريمتي ساوتري ٻائي ٽرسٽ، سپر مصطفي ميڊيڪل اسٽور پاران صحت کاتي عمرڪوٽ جي سھڪار سان ھڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي جنھن ۾ عمرڪوٽ ميرپورخاص جي مشھور ڊاڪٽرن حصو ورتو جن ۾ ڪن ٻارڙن جي ڊاڪٽرن ڏندن جي ڊاڪٽرن، گائنا ڪالاجسٽ، جنرل فزيشن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ھريش ڪمار آسناڻي، ڊاڪٽر الھداد راٺوڙ، ليڊي ڊاڪٽر درشنا ڪماري، ڊاڪٽر راجڪمار صوفي، ليڊي ڊاڪٽر مونيڪا، ليڊي ڊاڪٽر حنا ڪماري، ڊاڪٽر مدن لال ٽلواڻي، ڊاڪٽر جئه ڪمار، ڊاڪٽر صبغت الله منڱريو ۽ ٻين ڊاڪٽرن حصو ورتو جڏھن ته مليريا، ڪاري سائي، شگر، کنگ، بخار، اکين جي چڪاس سميت 22 سئو مريضن جو مفت علاج ڪري دوائون پڻ ڏنيون ويون جڏھن ته ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين خالد سراج سومرو، ڪائونسلرن دليپ مولچنداڻي، اسحاق ڪنڀر، رميش ڪمار رتناڻي ۽ 1986 دوران مئٽرڪ پاس ڪري آيل بئچ جي ڪلاس فيلو اڳواڻن حصو ورتو جڏھن ته مھمان خاص ايم سي جي چيئرمين خالد سراج سومرو چيو ته اھڙيون ڪئمپون لڳڻ سان غريب شاگردن توڙي آس پاس جي ماڻھن کي فائدو ٿئي ٿو ۽ ٻيا به سرنڌي وارا اھڙيون ڪئمپون قائم ڪري عوام رليف فراھم ڪن جڏھن ته نھالاني پريوار جي اڳواڻن پريم ڪمار، پرشوتم داس، موھت ڪمار ۽ ٻين چيو ته اسان اڳ به سانوتري ٻائي ٽرسٽ پاران عوام جي بناھ ڪنھن فرق جي خدمت ڪندا پيا اچون چاھي ڪورونا ھجي يان ٻوڏ ھجي اسان بناھ ڪنھن فرق جي ھر ماڻھو جي مدد ڪئي آھي اھڙي ڪئمپن سان غريب عوام کي رليف ملي ٿو