گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ تارن جي مبينا چوري دوران سڙي زخمي ٿيل نوجوانن واري مامري ۾ نئون رخ

سڙي زخمي ٿيل نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، واپڊا عملدار ۽ سيڪيورٽي انچارج تي نوجوانن کي پڪڙي ساڙڻ جو الزام

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ تارن جي مبينا چوري دوران سڙي زخمي ٿيل نوجوانن واري مامري ۾ نئون رخ

ڪشمور(دلبر جاني)گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ تارن چوري دوران سڙي زخمي ٿيل نوجوانن وارو معمالو نئون رخ اختيار ڪري ويو سندس واپڊا چيف ۽ سيڪورٽي انچارج تي نوجوانن کي ساڙڻ جو الزام زبردستي اسانجي نوجوانن کي پڪڙي ساڙيو ويو آهي وارثن جو احتجاجي مظاهرو انصاف جي اپيل، گذريل هڪ رات جي پهرين واپڊا ٿرمل ۾ تارن جي چوري ۾ سڙيل ٽن جونوانن وارو معمالو نئون رخ اختيار ڪري ويو ٽنهي نوجوانن جي وارثن محمد شريف ملڪ برڪت ملڪ رفيق ملڪ ۽ اختيار ملڪ محمود شر سميت ڀٽي محلا جي ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته اسانجي پاڙي ۾ رحمدل مزاري جي شادي هئي جنهن جي گوشت جو آرڊر اسانکي مليل هو اسان قصائڪو ڪم ڪندا آهيون اسانجا چار نوجوان شادي جو آرڊر مليل گوشت کڻي واپس اچي رهيا هئا ته ٿرمل ويجهو سندس هڪڙي موٽرسائيڪل جو تيل ختم ٿيو جنهن بعد نوجوان لهي ڪري پلاسٽڪ جي شاپر ڳولي ٻئي موٽر سائيڪل مان تيل ڪڍي وجهڻ لاءِ بيٺا جتي سندس سيڪورٽي انچارج مدثر بيگ ۽ سندس سيڪورٽي گارڊن جي گاڏي پهتي جنهن نوجوانن کي پڪڙي گاڏي ۾ وجهي ٿرمل اندر کڻي ويا جتي سندس چئني ناهي نوجوانن کي باھ ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن هي مڪمل 80 پرسنٽ سڙي ويا ته انهن کي کڻائي ٻاهر روڊ تي اڇلائي ڪهاڻي جي شڪل ڏئي ٿرمل مان تارون چوري جو الزام ڏنو ته تارون چوري ڪري رهيا ته تارن مان باھ لڳڻ سبب سڙي ويا آهن پهرين به اسان جي نوجوانن کي گهران پڪڙي اسانجي نوجوانن کي چوي الزام هيٺ جيل موڪليو ويو اصل ڪهاڻي جتي اسان ويٺا آهيون انهئي جڳھ کي خالي ڪرائڻ آهي اسان کي نوٽيس ڏئي ڌماڪو ويو هو نه اٿڻ جي صورت ۾ اسانجي نوجوانن کي ساڙي ڇڏيو اٿن ۽ ٻين کي به ڪوڙي الزامن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسانجي نوجوانن کي زبردستي پڪڙي ساڙيو ويو آهي ٿرمل انتظاميا چئي ٿي هتان لڏي وڃو اسان مسڪين آهيون ڪٿي لڏي وڃون اسين چيف جسٽس آف پاڪستان، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، سميت ايس ايس ڪشمور کان مطالبو ڪيون ٿا اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي اسان جا نوجوان ساڙيا ويا وري گڊو پوليس اسانجي نوجوانن مٿان ڪوڙو چوري جو ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا فلفور چيف واپڊا گڊو ۽ سيڪورٽي انچارج سميت ملوث گارڊن تي ايف آئي داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت اسين احتجاج جو دائرو وڌائي انڊس هائي وي کي بند ڪري ڇڏيندا سين