عمرڪوٽ جي علائقي رام جاگو ۾ علي شير لڪياري جو قديمي عرس مبارڪ شروع، ملهه جا مقابلا

125هين عرس مبارڪ جون 5 ڏينهن واريون تقريبون شروع، گادي نشين سيد ذوالفقار علي شاهه لڪياري افتتاح ڪيو

عمرڪوٽ جي علائقي رام جاگو ۾ علي شير لڪياري جو قديمي عرس مبارڪ شروع، ملهه جا مقابلا

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي علائقي رام جاگو ۾ علي شير شاهه لڪياري جي قديم 125هين سالگرهه جي 5 پنج ڏينهن واري عرس مبارڪ جون تقريبون درگاھ جي گاد نشين سيد ذوالفقار علي شاهه لڪياري جي سرپرستي ۾ شروع ٿي وئيو. تفصيل موجب125سواسئو سال پراڻي درگاه سيد علي شير شاهه لڪياري جي درگاهه عمرڪوٽ جي الائقي رام جاگو ۾ سڄي سنڌ مان عقيدتمندن ۽ مريدن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پئي وڃي

جڏهين ته اتر سنڌ ناري لاڙ سميت سڄي سنڌ جا مشهور ملھ پلهلاوان شرڪت ڪري رهيا آهن. 

جڏهن ته پهرين جوڙ جا اصغر۔انور۽ خادم حسن هالاپوٽو۔۽ ٻي جوڙجا  ملھ پهلوان محمد علي نوهڙي جلال بروهي، پالو ڪي ٽي اين، بابو بروهي، ۽ٽي3 جوڙ جا ملھ پهلوان غلام محمد ماڇي، عبدالله رونجھو، ملوڪ کوسو، جمن بروهي، خميسو بروهي ۽ ٻين سنڌ جي مشهور ملھ پهلاوان ملھ جي مقابلن ۾ شرڪت ڪر رهيا آهين جڏهين ته تفريح لاءِ ميلي ۾ ننڍن ٻارن سمت شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

۽ ملھ جي راندين جا زبردست مقابلا ٿيا پهلاوانن کي سيدزولفقار علي شاه سندس فرزند سميت ملھ جي شوقين اميرن شوقينن انعام ڏنا جن ۾ پهريون، ٻيو  ۽ ٽئين جوڙو ملھ پهلاوانن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ رانديون، جھولا ٻيڙيون، ۽ٻيون رانديون، تماشو، مٺائي جا دڪان، هوٽلون، سنڌجي قديمي ثقافت جا اسٽال لڳايا ويا ٽوپيون، گج موڙ ۽ ٻيون ثقافتي شيون، ڪشمش، ماجون، مٺايون، دڪان سجاياويا شائقين ميلي ۾ شرڪت ڪري خوشي جو اظهار ڪيو.