چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي: اياز لطيف پليجو

آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي رھيو آھي

چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جو جلسي عام ٿيو. جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال سنڌ لاءِ ايٽم بم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھي، سنڌ بنجر ٿي ويندي آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي رھيو آھي. سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پارٽي اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي تھذيب،تاريخ ۽ سنڌو درياءَ تي حملا نہ ڪري. سنڌو درياھ سان سنڌ آھي،7 ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي، سنڌ خلاف ڪنھن بہ قسم جي سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، انڪري سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال ۽ ڪو بہ ڊيم يا ٻيو منصوبو قبول نہ ڪيو ويندي. ان جي پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھن. پارليامينٽ ۽ سي سي آء سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق ڇو آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چشمه ۽ تونسا ڪئنال کي مستقل وھائڻ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آھي. 30 سال کان 1991 ايڪٽ تحت سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن. سي سي آء، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ نہ ڪيو وڃي. زرداري صاحب سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. سنڌ تباھ ٿي رھي آھي. پارليامينٽ، عدالتون ۽ ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم تي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نہ ٿي وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق چيو ھو تہ چشمه، تونسا ڪئنال وغيره ٻوڏ جا واھ آھن پر اھي ڪئنال مستقل وھايا پيا وڃن. سي سي آء ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. سنڌ جا ماڻھو ھر قيمت تي سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جي تاريخ، سڃاڻپ ۽ تھذيب آهي. سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ڪالاباغ ڊیم، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن جیترائي سنڌ دشمن ۽ خطرناڪ آهن. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي.جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف ۽ ٻيا آمر بہ نہ ڪري سگھيا اھو ڪوجھو ڪم آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪندو. وفاقي حڪومت ۽ آصف زرداري سنڌ کي ديوار سان نہ لڳائين ۽ سنڌ دشمن سازشون بند ڪن. سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون.اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ جي بقا لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ سنڌ جي حق لا۽ جدوجھد کي ترجيح ڏني آهي سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ٽولو 16 سالن کان سنڌ تي قابض ٿي سنڌ جي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياھ سڪائي ڇڏيو. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي وئي آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر ۾ سنڌ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن بہ وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن.