English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ به سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي نون ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو
217 views
|
17th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ارسا قانون ۾ ترميم ۽ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا، اڳواڻ
نوشهرو فيروز (ڊر)سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ارسا ۾ ترميم، سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ٺاهڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمين تي والار خلاف نوشهرو فيروز ۾ سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ ۾ شامل مختلف پارٽين پاران نوشهرو فيروز ۾ احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ مهر علي وسطڙو، آصف حسيني، شاهد پٽاڻ، فرمان نول، اين پي پي اڳواڻ معشوق ڪورائي، عمران جتوتي، خوشي محمد مغل پي ٽي آئي اڳواڻ طارق ملڪ، ايس ٽي پي اڳواڻ اسد چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ارسا قانون ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌو درياهه تي 6 ڪينال نه ٺهڻ گهرجن ڇو ته 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ جي تقريبن 48 کان 50 لک ايڪڙ غير آباد ٿي ويندا، جنهن سبب سنڌ بيابان ٿي ويندي، ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ لاء پاڻي نه ملندو عوام پيئڻ جي پاڻي لاء ترسندو سنڌ جي ڊيلٽا مڪمل طور تباه ٿي ويندي تمر جا ٻيلا ماضي جو قصو بڻجي ويندا سنڌ جي عوام جي روز معاش زراعت آھي جيڪا مڪمل تباه ٿي ويندي سنڌو درياءُ شهه رڳ آھي ان مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو جياپو مڪمل طور ختم ٿي ويندو هنن چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري سمنڊ ابتو وهندو تنهنڪري ٺٽو، بدين، سجاول مڪمل طور سمنڊ ۾ هليا ويندا، هن چيو ته 6 ڪينال ٺاهڻ سان رياست جي ڪجهه مخصوص ڪمپنين کي فائدو پوندو انهن گرين ڪمپني جي نالي تي سنڌ سميت ٻين صوبن مان زمينون ڳڙڪايون آھن پهرئين فيض ۾ انهن کي پنجاب جو ريگستان آباد ڪرڻو آھي ان ڪري اهي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي راوي ۽ ستلج وسيلي پاڻي تي قبضو ڪري رهيا آھن ان جو فائدو ڪجه رياستي ڪمپنين کي هوندو، پيپلز پارٽي هر دور ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري وسيلا پنجاب حوالي ڪري اقتدار حاصل ڪيو آھي هيئر به پيپلي صدر آصف علي زرداري سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني آھي وري سندس ساٿاري قيادت سنڌ ۾ منافقت سان بيان ڏئي رهي آھي سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبر ۽ مراد شاه سنڌ جو سڄڻ آھي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف قرارداد منظور ڪرائن هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ارسا قانون ۾ ترميم ۽ 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ گير احتجاج ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ارسا قانون
سنڌوءَ مان ڪئنال
نوشهروفيروز
0 تبصرے