عمرڪوٽ ۾ ضلعي سطح تي جوڙيل ڪميٽي پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪرين لاءِ انٽرويو ورتا ويا

ضلعي سطح تي جوڙيل ڪميٽي جي چئرمين و ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران انٽرويو ورتا ويا

عمرڪوٽ ۾ ضلعي سطح تي جوڙيل ڪميٽي پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪرين لاءِ انٽرويو ورتا ويا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سکر ھاء ڪورٽ ۽ ميرپورخاص ھاء ڪورٽ جي حڪم موجب حڪومت سنڌ پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جي لاءِ ضلعي سطح تي جوڙيل ڪميٽي جي چئرمين و ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ضلعي عمرڪوٽ جي صحت کاتي، تعليم کاتي، لوڪل گورنمينٽ کاتي، روينيو کاتي سميت ٻين مختلف کاتن ۾ ھڪ گريڊ کان چار گريڊ جي خالي آسامين تي معذور ڪوٽا تحت ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ ميل توڙي فيميل معذورن کان انٽرويو ورتا ويا، ان موقعي تي انٽرويو ڪميٽيءَ جي ميمبرن ڊي او تعليم عمرڪوٽ لقمان ڪنڀر، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عظم کوسو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊي اي پي ڊي ڊيپارٽمينٽ سرور علي سومرو، ايس او ايس آر سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ڪراچي وحدت علي لاکو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر، اي اي اين عمرڪوٽ سليم رضا، چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاهه، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، آفيس سپرنٽينڊنٽ ڊي سي آفيس عمرڪوٽ خليل احمد ڪنڀر، ٽائون آفيسر ڍورو نارو فرحان علي لغاري، اي اي اين سب ڊويزن نبي سر ظھور احمد بوزدار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انٽرويو ڪميٽيءَ جي ميمبرن پاران معذور نوجوانن توڙي معذور نياڻين کان مختلف سوال جواب ڪيا ويا ۽ انھن جي تعليمي سندن جي جاچ پڙتال ڪئي ويئي، ان موقعي تي عمرڪوٽ ضلعي جي تقريبن 500 کان مٿي معذورن انٽرويو ڏنا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جي معذورن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ڏني ويندي جنھن جي لاءِ انٽريو پينل ۾ موجود سمورن ميمبرن جي اتفاق راءِ سان ۽ انٽرويو ۾ ڏنل مارڪس جي بنياد تي ميرٽ لسٽ جوڙي مختلف کاتن ۾ خالي پيل جاين تي ڀرتي ڪئي ويندي، ھن وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ جي پاليسيءَ مطابق معذور ڪوٽا تحت ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ عمرڪوٽ ضلعي ۾ موجود سمورن کاتن کان خالي پيل جاين جا انک اکر گڏ ڪيا ويا آهن جنهن مطابق سمورن معذورن جي صلاحيتن ۽ انھن جي تعليمي سندن جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون جيڪو انھن معذورن جو بنيادي حق آھي، ھن چيو ته معذور بہ اسان جي معاشري جو حصو آھن ۽ انھن کي انھن جو حق ميرٽ جي بنياد تي ڏنو ويندو، ھن چيو ته حڪومت سنڌ جي نئين پاليسي تحت جيڪو نوجوان 40 سيڪڙو معذور ھجي اھو معذور ڪوٽا تحت ڀرتي جي لاءِ اھل تصور ڪري سگھجي ٿو.