ملير: ڪاليج جي پراڻي عمارت مان مبينا لوهه چوري ڪرڻ سبب ڀت ڪري پئي، هڪ موالي فوت، ٻيو زخمي

ڀت ڪِرڻ سبب نصير احمد دٻجي فوت ٿي ويو ۽ واحد پٽ نبي بخش سخت زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل

ملير: ڪاليج جي پراڻي عمارت مان مبينا لوهه چوري ڪرڻ سبب ڀت ڪري پئي، هڪ موالي فوت، ٻيو زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي صالح محمد جي بيت باغ ۾ قائم ڪاليج جي پراڻي عمارت مان لوهه ڪڍڻ دوران ڀت ڪري پئي، هڪ نشئي فوت ٻيو سخت زخمي، ڪاليج جي عمارت 2005 کان ويران آهي دريون، دروازا ڀتين مان سريو چوري ڪرڻ جا واقعا معمول بڻيل آهن، اڳوڻي ايم اين اي شير محمد بلوچ جي دور ۾ ڪاليج جي خوبصورت عمارت کي انجنيئرن بيڪار قرار ڏئي ڇڏيو هو، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا 21 سال گذرڻ باوجود ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا، علائقي جي موالين لاءِ ڄاڻايل عمارت آماجگاهه بڻيل آهي، ڪنهن به وقت وڏو انساني الميو رونما ٿي سگهي ٿو، تفصيل موجب ملير جي يوسي صالح محمد ڳوٺ جي بيت الله باغ ۾ قائم 21 سالن کان ويران پيل ڪاليج جي پراڻي عمارت جي ڀت مان سريو چوري ڪرڻ وقت اچانڪ ڀت ڪري پئي جنهن سبب سريو چوري ڪندڙ ٻه همراهه هيٺان دٻجي ويا جن مان هڪ شخص نصير احمد ولد ولي محمد موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو واحد ولد نبي بخش سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس ۽ امدادي رضاڪارن پهچي فوتي ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل عمارت اڳوڻي ايم اين اي شير محمد بلوچ جي فنڊ سان 2005 ۾ تعمیر ڪئي وئي هئي ۽ هن خوبصورت عمارت کي انجنيئرن ٽيڪنيڪل طور تي ناڪارا قرار ڏئي استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، جنهن بعد عمارت اڄ ڏينهن تائين ويران پئي آهي ۽ علائقي جي منشيات جي عادي ماڻهن پاران ڪاليج جي درين، دروازن ۽ ڀتين مان لوهه چوري ڪرڻ معمول بڻيل آهي، ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا هن عاليشان عمارت متعلق 21 سال گذرڻ باوجود به ڪوئي فيصلو نه ڪري سگهيا آهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هن خوبصورت عمارت کي اگر ڪنهن استعمال هيٺ نه آندو ويو ته منشيات جي عادي ماڻهن لاءِ آماجگاهه بڻيل هي عمارت ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي جنهن سان جاني نقصان جو خدشو موجود آهي.