21 نومبر "ورلڊ ٽيليويزن ڊي"

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

21 نومبر

21نومبر تي پوري دنيا ۾ ورلڊ ٽيليويزن ڊي جي طور ملهايو وڃي ٿو.يونيسڪو طرفان انهيءَ ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ قرارداد ذريعي ملهائڻ جي منظوري 1996ع ۾ ڏني وئي ۽ دنيا ۾ پهريون دفعو ورلڊ ٽيليويزن ڊي 1997ع ۾ ملهايو ويو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دنيا آڏو سڀ ملڪ پنهنجي زبان، پنهنجن سياسي توڙي سماجي مسئلن، راندين، ثقافت ۽ ريتن رسمن کي دنيا آڏو اجاگر ڪن. انهيءَ سان گڏو گڏ تعليم جي ترقي ۽ تعليمي چينل شروع ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو تہ جيئن پري پري وارن علائقن تائين شعور جي روشني ڦهلائي سگهجي.دنيا ۾ تقريبن 1.5 ارب گهرن ۾ ٽيليويزن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

تقريبن %95 آباديءَ تائين ٽيليويزن نشريات جي رسائي ممڪن ٿي سگهي آهي. دنيا ۾ هر ماڻهو اندازن روزانو ٽي ڪلاڪ ٽيليويزن جي نشريات ڏسڻ ۾ گذاري ٿو جنهن ۾ تفريحي چينلن ۽ راندين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. ٽيليويزن نشريات جا ڪجھ قسم هي آهن.

1. علاقائي نشريات يعني علاقائي ٻوليءَ ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا.

2. ڪيبل ٽيليويزن يا ڊائريڪٽ ٽو هوم (DTH)

3. اسٽريمنگ سروسز (نيٽفلڪس، هلو، ايمازون پرائيم وغيره)

4. آن لائن ٽيليويزن پليٽفارم جيئن يوٽيوب ٽي وي وغيره.

مٿي ذڪر ڪيل نشريات اڄڪلھ جي دور ۾ وڏي لاڀائتي ثابت ٿي آهي.اڄلڪھ تہ انٽرنيٽ جي ذريعي هلڻ وارا اهڙا ڊوائيسز بہ مارڪيٽ ۾ موجود آهن جن تي سڄي دنيا جا چئنلز هڪ ٽي وي اسڪرين تي ڏسي سگهجن ٿا ان لاءِ نہ ئي ڪنهن تار يا ڊش جي ضرورت پوي ٿي.

ٽي ويءَ تان تفريحي پروگرام، رانديون، حالات حاضرہ وغيره سان ماڻهو باخبر پڻ رهي ٿو. ٽيليويزن بابت هڪ چوڻي مشهور آهي تہ " ٽيليويزن معاشري جو آئينو آهي" بلڪل ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي ڇا ڪاڻ تہ معاشري ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ان بابت ته ڪافي ڄاڻ حاصل ٿيو وڃي.

ٽيليويزن جو خالق جان لوگي بيئرڊ آهي، ٽيليويزن جي پهرين نشريات 26 جنوري 1926ع تي پيش ڪئي وئي جڏهن تہ پاڪستان ۾ پهرين ٽي وي نشريات 1964 ۾ پيش ڪئي وئي. دنيا ۾ رنگين ٽيليويزن جي نشريات 1954ع ۾ پيش ڪئي وئي. 1948ع ۾ آمريڪا ۾ ڪئبل ٽي وي جي شروعات ٿي. 1962ع ۾ پهرين سيٽلائيٽ نشريات TELESTAR-1 تان نشر ڪئي وئي

جنهن سيٽلائيٽ ذريعي چئنل هلائڻ ۾ نئون انقلاب آندو. آمريڪا ۾ هڪ اندازي مطابق %99 ماڻهو روزانو ٽي وي نشريات وڏي شوق سان ڏسن ٿا. هڪ رپورٽ مطابق اڄڪلھ %50 نشريات آن لائن يعني نيٽ جي ذريعي ڏٺي وڃي ٿي،ان رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو تہ %70 شاگرد ٽي وي ذريعي تعليم سکن ٿا،دنيا ۾ %60 نوجوان خبرون شوق سان ٻڌن ٿا. 40 سالن کان وڌ ڄمار وارا ماڻهو وري وندر خاطر تفريحي پروگرامن کي ترجيح ڏين ٿا.

2013 ع ۾ يونيسڪو طرفان انهي سال کي ٽيليويزن ۽ ثقافت جو عنوان ڏنو ويو. 2014ع سال کي ٽيليويزن ۽ معاشري ۾ تبديلي جو عنوان ڏنو ويو.2015 ع کي ٽيليويزن ۽ تبديلي جو عنوان ڏنو ويو. 2019ع کي يونيسڪو طرفان انهيءَ سال کي جمهوريت ۽ ٽيليويزن جي سال طور ملهايو ويو. پاڪستان ۾ پهرين ٽيليويزن نشريات بليڪ اينڊ وائيٽ پيش ڪئي وئي.

شروعاتي مشهور پروگرام جيڪي پي ٽي وي تان نشر ڪيا ويا هئا،انهن ۾ کيسرا ( ڊرامو), تالم ( موسيقيءَ جو پروگرام) نيلم ( ڪوئيز پروگرام) ۽ پهرين ميزبانيءَ جو شرف محمود علي کي حاصل ٿيو. پاڪستان ۾ رنگين نشريات جي شروعات 1976ع ۾ ڪئي وئي.