پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ملاقات

ملاقات دوران سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ عوام ۾ اهو احساس اجاگر ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت هر قدم تي عوام سان گڏ بيٺل آهي. ملاقات دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبائي اطلاعات کاتو سنڌ ۾ عوامي خدمت جي تسلسل کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڄار وڇايو پيو وڃي، ان حوالي سان پيدا ٿيندڙ عوامي مسئلا به ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن.