ٺٽي ۾ يوٿ شھيد ڀٽو جو اجلاس صوبائي ڊويزن جي صدر عديل لغاري جي نگراني ۾ ٿيو

يوٿ شهيد ڀٽو جي آرگنائيزر ڪميٽي جوڙي ويئي، عبدالله ملڪاڻي چيف آرگنائيزر مقرر

ٺٽي ۾ يوٿ شھيد ڀٽو جو اجلاس صوبائي ڊويزن جي صدر عديل لغاري جي نگراني ۾ ٿيو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) يوٿ شھيد ڀٽو ٺٽي جو اجلاس شھيد ڀٽو جي صوبائي ڊويزن جي صدر عديل لغاري جي نگراني ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ يوٿ شهيد ڀٽو جي آرگنائيزر ڪميٽي جوڙي ويئي، جنھن ۾ چيف آرگنائيزر عبدالله ملڪاڻي، آرگنائيزرن ۾ قربان شيخ، ذوالفقار بٽ، محبوب موچارو، حسين بخش مڱسي کي چونڊيو ويو، ان موقعي تي شھيد ڀٽو جي صوبائي دويزن جو جنرل سيڪريٽري عاطف تنولي، ارباب سھيل احمد سمون، بابو احسان ڀٽو، ڪريمداد، خدابخش سمون، پرويز ساٽي، چاندي خان بروھي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي شھيد ڀٽو جي صوبائي ڊويزن جي صدر عديل لغاري چيو تہ پوري سنڌ ۾ تنظيم سازي وارو عمل جاري آھي، ٺٽي ۾ بہ آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ويئي آھي، جن کي گھرجي تہ ھو پنھنجو ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪن، ھن چيو تہ ملڪ ۾ مھنگائي، بيروزگاري، بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ ڪري عوام سخت پريشان اھي، مٿان وري سنڌو درياء تي 6 ڪئنال ڪڍي درياء جي پاڻي کي جڪڙيو پيو وڃي، جنھن سان لاڙ جا ضلعا بياباب بڻجي ويندا، ھن گھر ڪئي تہ سنڌو درياء تي اڏجندڙ ڪئنالن کي ختم ڪري ملڪ مان مھنگائي، بيروزگاري ۽ بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي عوام کي پريشاني کان ڀچايو وڃي، ھوڏانھن شھيد ڀٽو جي اڳواڻن شھيد ڀٽي ھي ورڪر صالح محمد موڇاري جي تڏي تي پھچي ساڻس سندس گھر واري جي وفات تي تعزيت ڪئي.