سجاول شھر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود انتظاميه جي لاپرواهي سبب کنڊرات ۾ تبديل

ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود غير فعال بڻيل مڇي مارڪيٽ کي فعال ڪري شھر مان گندگي ختم ڪئي وڃي: شھري

سجاول شھر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود انتظاميه جي لاپرواهي سبب کنڊرات ۾ تبديل

سجاول(رپورٽر)سجاول شھر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ جنھن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر انتظاميه جي لاپرواهي جي ڪري کنڊرات ۾ تبديل ٿي وئي آهي. مڇي مارڪيٽ کي موالين پنھنجو آستانو بنائي ڇڏيو. مڇي. گوشت ۽ سبزي فروشن شھر جي مين روڊ تي پنھنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو. جنھن جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. مڇي مارڪيٽ کي فعال ڪري شھر مان گندگي ختم ڪئي وڃي شھرين جو مطالبو. تفصيل موجب. سجاول شھر جي پراڻي مڇي مارڪيٽ جنھن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا پر هو فعال نه ٿي سگهي. انتظاميه جي بي ڌياني جي ڪري مڇي مارڪيٽ کنڊر ٿي وئي. ان جا لوهي دروازا به چوري ٿي ويا ۽ اھا مڇي مارڪيٽ هاڻي موالين جو اڏو بڻيل آهي. سجاول جا مڇي فروش .گوشت فروش.۽ سبزي فروش روڊن تي پنھنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن جنھن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي سجاول جي شھرين ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هن مڇي مارڪيٽ کي جلد فعال ڪيو وڃي ته جيئن اسان کي خريداري ۾ به آساني ٿئي ۽ شھر به گندگي کان بچي وڃي