English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڳوٺ ڪارو شيدي واسي نوجوان جو گهرڀاتين سميت احتجاج
views
|
14th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گذريل رات بااثرن رڪشا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، تشدد به ڪيو: نياز جاکرو
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ڳوٺ ڪارو شيدي پاور ھائوس مڪلي جي رھواسي نياز جاکرو پٽ الھورايو جاکرو سندس ماءُ زرينه ، ڀاڄائي نسرين ۽ ڀاءُ مصري جاکرو سان گڏ عوامي پريس ڪلب ٺٽو تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھو ھڪ رڪشا ڊرائيور آھي ۽ سڄو ڏينهن پورھيو ڪري پنھنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندو آھي. گذريل رات جڏھن ھو پنھنجي گھر واپس اچي رھيو ھو ته ڪجھ ماڻھو جن ۾ پنيو خاصخيلي ، مڪان ، جاجي ، ٻوڙو خاصخيلي۽ اعجاز ملاح ۽ ٻيا شامل هئا تن منھنجو رستو روڪي گاڏي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي منھنجي مزاحمت ڪرڻ تي ھنن مونتي سخت تشدد ڪيو منھنجي رڙين تي منھنجا گھر ڀاتي ۽ مھمان ڊوڙي آيا ۽ مونکي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مذڪوره ماڻھن ھنن کي بہ بخش نہ ڪيو ۽ سخت تشدد ڪيو جنھنڪري رفيق شورو ، جاويد شورو ۽ موٽو شورو کي بہ تمام گھڻا ڌڪ لڳا ۽ منھنجي ڀاڄائي نسرين به سخت زخمي ٿي پئي ، اسان جي رڙين تي پاڙي وارن اسانکي بچايو ۽ جوابدار اسانکي گھر خالي ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا روانا ٿي ويا ۽ اسين اتان جان بچائي ڀڄي اچي ٺٽي شھر ۾ پنھنجي عزيزن وٽ پناھ ورتل آھيون ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان ھن واقعي جو ڪيس مڪلي ٿائي تي داخل ڪرايو آھي ۽ 15وارن وٽ به ڪيس داخل ڪرايو آھي پر ھنن جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان جي خوف سبب گھر خالي ڪرڻ بعد جوابدار اسانجو گھر ۾ پيل قيمتي سامان به چورائي کڻي ويا آھن ان موقعي تي مسمات زرينه روئندي ٻڌايو ته اسان سان مذڪوره ماڻھن تمام گھڻو ظلم ڪيو آھي اسانکي پنھنجي گھرن مان تڙي ڪڍي ڇڏيو آھي ھن چيو ته اسانکي جوابدارن مان جان جو خطرو آھي ھنن ايس ايس پي ٺٽو , ڊي آئي جي حيدرآباد ، آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري اسانکي انصاف مھيا ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ مڪلي پوليس ۽ 15 انچارج کي پابند بڻايو وڃي ته ھو جوابدارن جي بي جا مدد بجاءِ مظلومن جي مدد ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نياز جاکرو
ڳوٺ ڪارو شيدي
ٺٽو
Advertisement
0 تبصرے