جھل مگسي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل, لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

ڳوٺ دڙو ۾ لياقت کوسو 22 سالن جي زينت کوسو ۽ مسجد ۾ نماز پڙھائيندڙ حافظ قرآن ختيار مگسي کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو

جھل مگسي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل,   لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي

شھدادڪوٽ: جھل مگسي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي گهرن ۾ ڪھرام متل جوابدار فرار . جھل مگسي جي ليويز ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙو ۾ جوابدار لياقت کوسو ڪارنھن الزام ھڻي پنهنجي نوجوان 22 سالن جي ڌي زينت کوسو ۽ ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز پڙھائيندڙ حافظ قرآن 30 سالن جي مختيار مگسي کي ڪلاشنڪوف گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي . اطلاع ملڻ تي حد جي ليويز پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿي ويل عورت ۽ مرد جا لاش جھل مگسي اسپتال پھچايا جتي ٻنهي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مسمات زينت کوسو جو مڙھ سندس وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو ڳوٺ دڙو پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏهن ته مختيار مگسي جو لاش ٺل پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي . رابطي ڪرڻ تي حد جي ليويز پوليس انسپيڪٽر راضي خان مگسي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جواندار لياقت کوسو پنهنجي 22 سالن جي ڌي مسمات زينت کوسو ۽ ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز پڙھائيندڙ حافظ قرآن 30 سالن جي مختيار مگسي کي ڪارنھن الزام ھڻي ٻنھي کي قتل ڪري جوابدار لياقت کوسو واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي قتل ٿي ويل مختيار مگسي تعلقي ٺل جو رھواسي آهي .