English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز جي مختلف شهرن ۾ مڪاني کاتي جي خالي سيٽن تي چونڊ 14 نونمبر تي ٿيندي
64 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جي تعلقي ڪنڊيارو، محرابپور ۽ ڀريا جي لوڪل گورنمينٽ وارين خالي ٿيل 7 سيٽن تي مڪاني چونڊون 14 نومبر تي منعقد ٿينديون انھي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ضابطي اخلاق تي عملدرآمد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو ھڪ اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي جي صدارت ھيٺ ڊي سي آفيس جي ڪميٽي ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نوشهروفيروز خالد احمد مرزا، ريٽرننگ آفيسر / اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو محبت علي، ريٽرننگ آفيسر/ اسسٽنٽ ڪمشنر محرابپور محمد عثمان عارف، ريٽرننگ آفيسر/ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاھد حسين سرڪي تنھي تعلقن جي مانيٽرنگ آفيسرن، پوليس آفيسرن، چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر/ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر محمد مستقيم قريشي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن تي زور ڀريندي چيو ته مڪاني چونڊن کي صاف، شفاف ۽ پرامن بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي هر صورت ۾ عمل کي يقيني بڻايو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن، ضلع انتظاميه، آفيسرن ۽ سياسي جماعتن جي گڏيل ذميواري آهي انهي لاءِ سمورا عملدار ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي عملدرآمد ڪن ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي پولنگ ايجنٽن کي پڻ ضابطي اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو پابند بڻائين هن وڌيڪ چيو ته ضلع انتظاميه پاران مقرر ڪيل پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن ان موقعي تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران پنهنجي خدشن ۽ مسئلن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني وئي جنهن تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر محمد مستقيم قريشي کين يقين ڏياريو ته سندن سمورا خدشا ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jun 2026
•
پاکستان
علامہ اقبال اوپن یونیورسٹی میں ترکش سمر کیمپ کا آغاز
14th Jun 2026
•
شوبز
سلیم آفریدی کی شاندار پرفارمنس اور خیال خان کی بہترین ڈائریکشن نے "سلیم کا تماشہ" کو یادگار بنا دیا
12th Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی حکومت کی جانب سے 18 ہزار 771 ارب روپے سے زائد کا بجٹ پیش، تعلیم کے لیے 46 ارب اور دفاع کے لیے 3 ہزار ارب مختص
12th Jun 2026
•
شوبز
جانوروں کے بجائے جنسی درندوں پر تجربات کیے جائیں: مریم نفیس
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ۾سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز واسين سان حادثو، ماءُ ۽ ڌيءَ سميت 3 ڄڻا فوت
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ڇهين نيشنل جونيئر گيمز ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪراچي جي رانديگرن جو شاندار استقبال
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير لڳ قاسم ڪمپني جي مرڪزي گيٽ آڏو ڌرڻو، مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر
نوشهروفيروز
محمد مستقيم قريشي
مڪاني چونڊ
0 تبصرے