مٺي ۾ ٻن ڏينهن جو سموري سنڌ جي ملهه پهلوانن جو ملاکڙو منعقد، پهلوانن زور آزمايو

صوبائي وزير دوست محمد راهمون، ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي، ايم پي اي قاسم سومرو ۽ ٻيا موجود هئا

مٺي ۾ ٻن ڏينهن جو سموري سنڌ جي ملهه پهلوانن جو ملاکڙو منعقد، پهلوانن زور آزمايو

مٺي (اسپورٽس نيوز) ميونسپل ڪاميٽي مٺي پاران مٺي ۾ ٻن ڏينهن جو سموري سنڌ جي ملهه پهلوانن جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل ملهه پهلوانن حصو ورتو ۽ زور آزمائي ڪئي. ملاکڙي جي پهرين ڏھاڙي تي صوبائي وزير دوست محمد راهمون ، ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ، ايم پي اي قاسم سومرو ، ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ، ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحليم جاڳيراڻي ، ايس ايس پي سمير نور چنا، ايس ايس پي عزير ميمڻ ، ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي ، درشن ملاڻي ، ماتورام ڀڳت ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ ملهه پهلوانن جي همٿ افزائي ڪئي. ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي ڳالهائيندي چيو ته ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافت آھي جنهن کي عام ماڻھو وڏي شوق سان ڏسي ٿو هن ملاکڙي ۾ پوري سنڌ مان وڏي انگ ۾ پهلوانن شرڪت ڪئي آھي اسان چاهيون ٿا ته اهڙيون صحتمند سرگرميون ٿين جنهن مان ماڻھن کي تفريح ملي سگهي. ملاکڙي جي ٻي ڏينهن تي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ، ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي ، جنرل سيڪريٽري پ پ ٿرپارڪر سشيل ملاڻي ، ونود ملاڻي ۽ ٻين مهمانن طرفان پهرين ، ٻي ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن کي انعام ڏنو ويو.