English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي قديمي ڳوٺ بابو پاتڻي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
views
|
03rd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي قديمي ڳوٺ بابو پاتڻي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي قديم سنڌي ڳوٺ بابو پاتڻي بنيادي سهولتن گيس. صحت تعليم سيوريج لائين سميت پيئڻ جي مٺي پاڻي کان محروم. مسجد توڙي گھرن ۾ پاڻي جي کوٽ. علائقي واسي پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل. ميئر ڪراچي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا هتي آباد آهيون. هن جديد دور ۾ به اسان کي ھٿ وٺي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي. صيفل پاتڻي.صابو پاتڻي، تفصيل موجب. ڪراچي ناردرن بائي پاس UC 13 منگھو پير ٽائون جي قديم سنڌي ڳوٺ بابو پاتڻي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتون کان محروم بڻيل آھي پيئڻ جي مٺي صاف پاڻي. گيس. صحت.سيوريج لائين ۽ تعليم جهڙي سھولتن کان محروم بڻيل آھي. ان حوالي سان بابو پاتڻي ڳوٺ جي رهواسين صيفل پاتڻي.صابو پاتڻي.ميھار پاتڻي مراد پاتڻي.طيب پاتڻي.ياسين پاتڻي.رضا محمد پاتڻي ۽ ٻين اولھ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا هتي آباد آهيون، اسان جا هڪ 300 کان وڌيڪ گهرآباد آھن. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته اسان پيپلز پارٽي جا جيالا ورڪر آھيون اسان ھميشه پنھنجي پولنگ کٽيندا آھيون ۽ هميشه جيڪو به اميدوار يوسي ھجي يا ايم پي اي اسان پولنگ الن اعلان کٽي ڏيندا آھيون پر اسان کي ھميشه نذر انداز ڪيو ٿو وڃي.ڪيترن ئي سالن کان اسان جي ڳوٺن ۾ سهولتون موجود ناھن. هن جديد دور ۾ اسان سهولتن کان محروم آهيون. هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ اڳ گڏاپ ٽائون ۾ هيو، جنهن کي تڪ بندين ۾ ورهائي ھن مھل اسان کي شھري آبادي منگهو پير ٽائون ۾ رکيو ويو آهي. پر ھن مھل تائين اسان کي ڪابه سھولت ناھي ڏني وئي جڏھن ته ھتان پيپلز پارٽي جو ايم پي اي علي احمد جان چونڊجي ويو آھي اليڪشن کٽڻ کان پوء ھن وقت تائين وري علائقي ۾ نظر ناھي آيو ته وؤٽ ڏيندڙ عوام ڪھڙين پريشانين ۾ رھي ٿي هن مهانگائي جي دور ۾ اسان پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون، مسجدن ۾ پاڻي ناهي، گھرن ۾ پاڻي ناھي. صحت جي سھولت ناھي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن ايم پي اي علي احمد جان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب. منگهو پير ٽائون چيئرمين حاجي نواز بروهي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتن جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پيئڻ جي مٺي صاف پاڻي
ڪراچي
ڳوٺ بابو پاتڻي
0 تبصرے