ڪيمپ سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ الشريف فانونڊيشن جي سهڪار سان لڳائي وئي
ملير (عبدالرشيد مورجهريو) گھگھر ۾ سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان هڪ ڏينهن جي ميگا ميڊيڪل ڪيمپ علي ڪلينڪ اينڊ ميٽرنٽي ھوم ۾ هنئي ويئي جنهن م سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن (سسوا) ۽ الشريف فانونڊيش سنڌ جو سهڪار رهيو ڪيمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن گائناڪولوجسٽ ڊاڪٽر فرزانہ سولنگي، ڊاڪٽر زينب، ڊاڪٽر بلقيس، فيملي فزيشن ڊاڪٽر ساجد علي، ڊاڪٽر واجد سيال، ڊاڪٽر شاهد آفريدي مريضن جو معائنو مفت ٽيسٽون ڪري دوائون ڏنيون ان موقعي تي سسوا جي فنانس سيڪريٽري نظير احمد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪيتري ئي عرصي کان ماڻهن جي خدمت ڪري رھي آھي، اسان جي خدمتن ۾ انساني صحت جو ڪم اولين ترجيح آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ساجد علي ٻرڙو چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پنھنجي علائقي جي عوام کي وڌ کان وڌ صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگھون، ان سلسلي ۾ علي ميڊيڪل سينٽر اينڊ ميٽرنٽي ھوم تي رعایت سان مختلف ٽيسٽون ۽ نارمل ڊليوري جي سھولت ڏني ويندي، ھن وقت اکين ۽ چمڙي جون بيماريون عام ٿي ويون آهن ان سلسلي ۾ ماھر ڊاڪٽرن سان رابطو ڪري ھر آچر تي مفت ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ آل پاڪستان ٻرڙا ويلفيئر اتحاد جي اڳواڻ امتياز ٻرڙو، علائقي واسين سماجي اڳواڻ جان محمد جاني، حاجي حسين مگسي نادر مگسي ۽ ٻيا موجود هئا
0 تبصرے