English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاقي حڪومت پاران عوام جي وات مان آخري ماني ڳڀو به ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: ڪاشف سعيد شيخ
259 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪاشف سعيد شيخ پاران ناڻي واري وفاقي وزير طرفان پگهاردار طبقي توڙي صنعتن مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهڻ واري بيان تي ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ناڻي واري وفاقي وزير طرفان پگهار دار طبقي توڙي صنعتن مٿان اڃان وڌيڪ ٽيڪس مڙڻ واري بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي عوام جي وات مان آخري ماني ڳڀو بہ ڦرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي ۽ چيو تہ آءِ ايم ايف جي غلامي توڙي وياجي نظام کان نجات حاصل ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي ۽ عوام مسئلن مان جان نٿو ڇڏائي سگھي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ حڪومت طرفان ٽئڪسن جي ڀر مار ۽ بجلي گئس بحران ڪري پهريون ئي ڪاروبار جو ڦيٿو جام آهي . صنعتون بحران جو شڪار آهن جڏهن تہ پگھار طبقو سخت پريشان آهي. ان صورتحال ۾ پي ڊي ايم حڪومت پنهنجي عياشي توڙي غير ترقياتي خرچ ختم ڪرڻ بدران سڄو بار پگهار طبقي تي وجھڻ سراسر ظلم ۽ ناانصافي ٿيندي.صنعتن مٿان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ سان نہ صرف معيشت تباه بلڪ ان سان اٿندڙ مهانگائي جي طوفان سان سڌو سنئون عام غريب ماڻهون ئي متاثر ٿيندو. ظلم وري اھو تہ جيڪي پهريان ٽيڪس ڏيئي رهيا آهن انھن جو اڃاوڌيڪ رت چوسيو پيو وڃي. اھو ظلم ڪرڻ سان تہ ماڻهو ذهني مريض ٿي ويندا .ڇا شهرين جي آمدني ۽ اخراجات ۾ توازن رکڻ لاءِ پاليسي حڪومت جي ذميواري نٿي بڻجي. جيڪڏهن حڪومت ٽيڪس جمع ڪري ۽ پنهنجا خرچ گھٽ نہ ڪري افسر شاهي جي گھرن ۽ ٻين سهولتن تي اربين رپيا خرچ ٿين ۽ سڄو بار پگهار طبقي تي وڌايو وڃي تہ پوءِ اھو ظلم اخر ڪيستائين برداشت ڪيو ويندو ناڻي وارو وزير ڪڏهن آء ايم ايف تہ ڪڏهن ٽيڪس وڌائڻ لاءِ عوام مٿان بجلي ڪيرائي رهيو اھي ان جي بيانن مان ائين لڳي ٿو تہ خزاني وارو وزير پاڪستان جو نہ پر آء ايم ايف جو نمائندو ۽ ڌارين جي مفادن جو محافظ آھي .هن چيو تہ حڪومت ٽيڪس حدف پورا ڪرڻ لاءِ پگهار طبقي کي ئي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهي آهي ۽ ٽيڪس کان ٻاهر اهو طبقو جنھن جي ماهوار آمدني لکين رپيا آهي تن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪي بہ اثرائتا قدم نہ پيا کنيا وڃن.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪاشف سعيد شيخ
آءِ ايم ايف
جماعت اسلامي سنڌ
0 تبصرے