English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اجلاس
views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ پوليو جي جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پوليو جو رائونڊ مڪمل ٿيڻ تي صحت کاتي جي عملدارن ۽ ورڪرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر چيو پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن تہ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي ويل ٻارڙن کي جلد کان جلد پوليو جا قطرا پياريا وڃن ۽ ان ان جي رپورٽ پڻ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڏني وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اي پي آئي جي ماھوار گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ ضلعي ۾ جاري اي پي آئي واري پروگرام کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ھن صحت کاتي جي عملي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو تہ اي پي آئي جي پروگرام کي ضلعي ۾ وڌيڪ فعال ۽ بھتر بڻائڻ لاءِ درپيش مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ ويڪسين لڳائڻ جي رپورٽ ڏني وڃي.ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، مختيار ڪار سامارو آصف ڪالرو، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسر داس،اي پي آئي جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمران، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊي ايم پي پي آئي ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، ڊاڪٽر گووند رام مالھي، ، ڊاڪٽر جيوراج، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊي ايس وي، ٽي ايس وي، ايل ايڇ وي، ويڪسينيٽرن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسي ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ايس ڊي او سيپڪو محمد ودود بدلي، سندس جي جاءِ تي اختيار سوهو مقرر
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
0 تبصرے