English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اتر سنڌ ۾ ٻارن جو اغوا ٿيڻ جو سلسلو ۽ وڌندڙ بيچيني؟
views
|
31st Oct 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
زاھد ڀنڀرو
اتر سنڌ جي جڏھن به ڳالھ نڪري ٿي ته ماڻھن جي ذھن ۾ ھڪڙو خيال اڀري ايندو آھي ته اھو ڌاڙيلن جي نرسري ۽ مضبوط پناھ گاھ آھي جتي حڪومت جي سموري مشينري گوڏا کوڙي ويھي رھي آھي، اتر سنڌ جا ڌاڙيل ڏوھن لاء پنھجا نت نوان طريقيڪار اپلائي ڪن ٿا پھريان طريقو استعمال ڪندا ھئا ته ھٿيارن جي زور تي روڊ تان ماڻھو اغوا ڪندا ھئا وري اڳتي ھلي ڪري عورتن جي آواز ۾ ڳالھائي ڪري ماڻھن کي مجبور ڪندا ھئا جنھن ۾ نوجوان، پڪا ۽ پوڙھا به عورت جي آواز تي ھرکجي ڪچي طرف پاڻ شڪار ٿيندا ھئا وري اڳتي ھلي ڪري سستيون گاڏين جي لالچ ڏئي ماڻھو کي پنھجي ڄار ۾ ڦاسيندا ھئا وري ڪجھ وقت ۾ شادين جو لالچون ڏئي ماڻھن کي صفا مجبور ڪندا ھئا ته جيئن ڪچي ۾ اچي شڪار بڻجن ھاڻي وري نئو طريقيڪار ڏوھارين ڳولي لڌو آھي ته پنجھون عورتون استعمال ڪري شھر طرف موڪلي شھرين جي گھرن جي درن ۽ محلن ۽ اسڪولن وٽان معصوم ٻارن جنھن جي عمر 2 کان 7 سالن جي وچ ۾ آھي انھن کي اغوا ڪري کڻي ڪچي ۾ قيد ڪن ٿا. انگ اکر ٻڌائن ٿا ته مارچ 2024 کان آڪٽوبر 2024 تائين صرف ھڪڙي ضلعي شڪارپور مان 4 معصوم ٻارڙا اغوا ٿيا جيڪي سخت اذيتن ۽ تڪليفن ۾ زنجيرن ۾ جڪڙجي گذاري سمورا ٻار ڀنگ ڀري آزاد ٿيا. شڪارپور ضلعي جي گوجان آبادي واري علائقي الف شاھ شھيد پاڙي مان معصوم ست سالن جو مهربان ڀٽي 23 مارچ 2024 تي گھر کان ٻاھر دڪان تان شئي وٺڻ ويو ته اغوا ڪار ٽولي جي ور چڙھي ويو لڳ ڀڳ ڏيڍ مھينو قيد ۾ رکيو ويو، ٻيو ٻار آذان علي آرائين جيڪو شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور جي شھر مان اغوا ٿيو ۽ 28 آگسٽ 2024 تي وڏي جدوجهد کان پوء ڀنگ جي رقم ڀري آزاد ٿيو ۽ ٻه معصوم ٻارڙا ناصر بکراڻي جيڪو 2 سالن جو آھي ۽ وليد ميمڻ جيڪو 5 سالن جو آھي سوا مھينو ڌاڙيلن جي اذيتن ۾ رھي 27 آڪٽوبر تي آزاد ٿيا، ٻئي طرف ڪشمور ڪنڌڪوٽ جنھن ۾ 23 مئي 2023 تي ثمرت ڪمار جيڪو 3 سالن جو معصوم ھيو انکي به ڌاڙيلن بخش نه ڪيو گھر ٻاھر اغوا ڪري کڻي ويا ھئا جنھن کي به ڊيل تحت ايس ايس پي امجد شيخ معرفت بازياب ڪرايو ويو جيڪو پنھجو ضلعو ڇڏي ٻئي ضلعي ۾ آيو، سکر ضلعي جي سنگرار جي علاقي سان تعلق رکندڙ ست سالن جي معصوم پريا ڪماري 19 آگسٽ 2022 تي محرم جي مھيني ۾ سبيل ھلائيندي اغوا ٿي وئي جيڪا اڃان تائين ظالمن جي قيد ۾ قيد آھي ٻئي پاسي جيڪب آباد ضلعي جي علائقي ٺل مان 23 مارچ 2007 تي ان وقت ست سالن جي معصوم فضيلا سرڪي جيڪا اڃان تائين والدين بازيابي جا خواب سجائي ويٺا آھن پر بازيابي ھڪ خواب بڻيل آھي فضيلا ۽ پريا ڪماري جي لاء ملڪ جي اعلي عدالتن به نوٽيس ورتا ۽ اعلي سطحي ڪاميٽون جوڙيو ويو پر اھي نوٽيس ۽ ڪاميٽون ڪاغذن تائين رھجي ويون. ان سموري پيدا ٿيل پيچيده صورتحال ۾ اتر سنڌ جي ماڻھن جو ساھ صفا سڪي ويو آھي شڪارپور ضلعي جا رھواسي جيڪي مڪمل طور تي خوف ۾ ورتل آھن ته پنھجي ٻارن کي اسڪول موڪليون ته واپس سلامت ايندا به الائي نه؟ ان ڏھڪا واري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ اسڪول ويران ٿيندا پيا وڃن، والدين پنھجي اولاد کي محفوظ ڪرڻ جي فڪر ۾ الجھي ويا آھن ھاڻي نه اسڪول محفوظ رھيا آھن، نه مدرسا ۽ نه پاڙن جو گھٽيون آخر شھري ڪيڏاھن وڃن؟ ڪٿي وڃي پناھ وٺن جتي انھن جي جان، مال ۽ عزت محفوظ رھي سگھي؟ اتر سنڌ ۾ ھر ايندڙ ايس ايس پي کي بي اختيار ڪري موڪليو ويندو آھي نتيجي طور تي نالي وارا ايس ايس پيز تنوير تنيو، عرفان سمون، جاويد جسڪاڻي، ناصر آفتاب به ورھين کان ظلم جو باپ بند نه ڪرائي سگھيا، سڌريل ملڪن ۾ تعليم تي خاص توجھ ڏني ويندي آھي ۽ حڪمرانن جي اولين ترجيحات ۾ تعليم شامل ھوندي آھي، ھڪ مشھور قول آھي ته جنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته اتان جي تعليم کي تباھ ڪيو اھا قوم خود بخود تباھ ٿي ويندي، اتر سنڌ جي تعليم جو اگر جائزو وٺنداسين ته پھريان ئي ٻيڙو ٻڏل نظر ايندو ويتر ھاڻي معصوم ٻارڙا اغوا ٿيڻ جي نه کٽندڙ سلسلي شھرين کي بيچين ڪري ڇڏيو آھي ڪافي سرھندي وارا ته اتر سنڌ کي الوداع ڪري گمنام شھرن طرف روانا ٿي ويا آھن، ھتي سوچڻ جي ڳالھ آھي ته اتر سنڌ ۾ حڪومت سنجيده ٿيندي نظر ڇو ڪونه ٿي اچي؟ آخري ڪھڙي مجبوري آھي جو رياست ايڏي بيوس لاچار لڳي پئي آھي؟ ڇا اھي چند ڌاڙيل حڪومت ۽ صدر پاڪستان جي حڪمن کان به ڏاڍا آھن جو انھن جي حڪمن کي به ھوا ۾ اڏاريو وڃي ٿو؟ ڪجھ مھينا پھريان پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سکر پھچي ڪري امن امان جو اعلي سطحي اجلاس سڏايو جنھن ۾ سخت ھدايتون ڏنيون ته ھر صورت ۾ اتر سنڌ جي علائقي ۾ امن امان کي بحال ڪيو پر نتيجو ڇا نڪتو زيرو، انجي ابتڙ اڃان بدامني تيز ٿي وئي، اڄ به اگر ايس ايس پيز کي فري ھينڊ ڏنو وڃي جيئن 2014 کان 2017 تائين ڏنو ويو ھيو ان وقت اتر سنڌ جو علائقو اڌ رات جو سفر ڪرڻ به آسان لڳندو ھيو ڏوھاري پوليس جي ھاف فراء ۽ فل فراء جي خوف کان شھر ڇڏي فرار ٿي ويا ھئا ۽ جيڪي ڏوھاري پنھجي علائقن ۾ موجود رھيا اھي موت جو کاڄ بڻيا ان وقت ڏوھارين جا سھولتڪار ننڍڙا ننڍڙا وڏيرا پوليس کي فون ڪرڻ کان به لوائيندا ھئا، پوليس کي مليل اختيارن ۾ اڪثر ايس ايس پيز چونڊيل نمائيندن ۽ وزيرن جون فون به اٽينڊ نه ڪندا ھئا جنھن ۾ ان وقت جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا ۾ دانھون ڪيون ته شڪارپور جو ايس ايس پي جاويد جيسڪاڻي اسانجي فون به اٽينڊ نه ٿو ڪري. آخر وزيراعلي سنڌ بيرحماڻو آپريشن يا آرمي آپريشن جي منظوري ڇو نه ٿو ڏئي، آرمي آپريشن جي ڇو مخالفت ڪري ٿو؟ حڪومت اگر سجينده ٿئي ته اھي چند ڏوھارين جو خاتمو ڪرڻ رياست لاء ڪو وڏو مسئلو ناھي؟ ھاڻي ڏسون ٿا حڪومت ڪيترا سنجيده قدم کڻي ٿي شھرين ۾ وڌندڙ خوف مان نجات ڪيئن ٿي ڏياري؟ Zahid Bhanbhro zahid.bambhro@gmail.com
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
22nd Nov 2024
•
سندھ
حيدرآباد؛ قاسم آباد میں آرٹلیکس ایل ای ڈی ورلڈ کا افتتاح
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
22nd Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايڪس (ٽوئيٽر) بمقابلہ بليواسڪائي
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اتر سنڌ
حڪومت
عورت جي آواز
0 تبصرے