مورو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مذهب تبديل ڪري غلام مرتضيٰ جتوئي سان پرڻو ڪيو آهي: ڪڪي عرف دعا

مورو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مورو(جاني جماڻي) ڪراچي جي جوڳي موڙ جي رھواسڻ ھندو ناري ڪڪي مسلمان بڻجي پنھنجو نالو دعا رکڻ کانپوءِ پنھنجي رضا خوشيءَ سان غلام مرتضي' ولد محمد بخش جتوئي سان عدالت سڳوريءَ ۾ پسند جي پرڻو ڪري ڇڏيو جنھن بعد مورو پريس ڪلب پھچي ھن ٻڌايو تہ موکي ٽي سال اڳ پنھنجي پھرين مڙس طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ منھنجا ٽي ٻارڙا پڻ پاڻ وٽ زبردستي ويھاري ڇڏيا ھئا جنھن کانپوءِ مون پنھنجي رضامنديءَ تحت مسلمان بڻجي رسول آباد جي رھواسي نوجوان غلام مصطفي' جتوئي سان شادي ڪئي آھي جنھن تي منھنجا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ڪارو ڪاريءَ تحت مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ منھنجي مڙس مٿان اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آھي جيڪو سراسر ڪوڙو آھي ڇاڪاڻ تہ مون پاڻ گھران نڪري اچي ھن سان شادي ڪئي آھي ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اتي علائقي جي بااثر رشيد پنھور سندس ڀائر غني پنھور، غفور پنھور، بابو پنھور پڻ جان جا ويري بڻيل آھن جن اسان جي مارڻ جي مائٽن کان ڏھ لک رپيا سوتي پڻ ورتي آھي ھنن سنڌ حڪومت سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ٿيندڙ ھر نقصان جا ذميوار مذڪورا ماڻھون انتظاميا ھوندي.