لاڳاپيل آفيسر پوليو خلاف مهم دوران بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: منور عباس سومرو
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو صحت کاتي سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن کي ھدايت ڪئي آهي ته هو 28 آڪٽوبر 2024ع کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم دوران بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ پوليو خلاف مهم جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گهر گهر پوليو ٽيمن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. ان موقعي تي اين اسٽاپ پوليو آفيسر ڊاڪٽر عامر حسين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهم جون سموريون تياريون مڪمل آهن، مهم دوران ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 2 لک 34 هزار 347 ٻارن کي پوليو کان بچاءٌ جا ڦڙا پيارڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ضلعي ۾ 447 گشتي ٽيمون، 51 فڪسڊ ۽ 120 ٽرانزٽ پوائنٽس مقرر ڪيون ويون آهن جڏهن ته 183 ايريا انچارجز ۽ 54 يو سي ايم اوز پڻ مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن مقرر ڪيل ھدف حاصل ڪري مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ صحت، يونيسيف، پي پي ايڇ آءِ، مرف، تعليم، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مھم جو باقاعده افتتاح ڪيو جڏهن ته عوام ۾ پوليو بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
0 تبصرے