دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

ڳوٺ محمد عارف جکراڻي ۾ جوابدارن پنهنجي ڀاڄائي اقبال خاتون ۽ نوجوان ظفر جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو

دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

دوداپور (رپورٽر) دوداپور ويجهو محمدپور واري علائقي ۾ جوابدار ڏيرن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، ڳوٺ محمد عارف جکراڻي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڏيرن گوليون هڻي اقبال خاتون ۽ نوجوان ظفر علي جکراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي لاش ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪري ڇڏيا رابطو ڪرڻ تي محمد پور پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنھن تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون