اياز لطيف پليجو سان قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي، ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. وفاقي حڪومت جي سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن.
سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھن. پارليامينٽ ۽ سي سي آء سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق آھن.
اياز لطيف پليجي چيو تہ چشمه ۽ تونسا ڪئنال کي مستقل وھائڻ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آھي. 30 سال جان 1991 ايڪٽ تحت سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. سي سي آء، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي ڀڙڀانگ نہ ڪيو وڃي.
زرداري صاحب سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھين سنڌ تباھ ٿي رھي آھين پارليامينٽ ل، عدالتون ۽ ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺھڻ نہ ڏينداسين.اياز لطيف پليجي سنڌو درياھ تي ڪينال منصوبن کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي تہ نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش سنڌ لاءِ موت وارنٽ آھي، سنڌو درياءَ تي ڪو بہ ڪينال ۽ ڊيم قبول ناھي. آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن.
سنڌ جا ٻيٽ، وسيلا، لکين ايڪڙ زمينون، ملڪيتون، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، پاڻي، روزگار سميت سنڌ جي ھر شيء چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري تين وال ڪري رھيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا.
حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي.
حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي،
جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو.
اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي. آھي سازشون بند ڪيون وڃن.اياز لطيف پليجي چيو تہ چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري سبب بدحال آھي.
ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر نہ ڪيو وڃي. گرين پاڪستان منصوبو بنجر سنڌ منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيندا. حڪمرانن سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي.
0 تبصرے