English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھاري ڪارڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ لکين ماڻھن کي فقير بڻائي سندن توھين ۽ تذليل ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ھارين کي خيرات بدران بنيادي حق ڏئي، ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ھاري ڪارڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ لکين ماڻھن کي فقير بنائي انھن جي توھين ۽ تذليل ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ھارين کي خيرات بدران بنيادي حق ڏئي. ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن. ھارين ۽ مزدورن کي صحت ڪارڊ ڏئي معياري علاج جون سھولتون ڏنيون وڃن. فصلن جا ھٿرادو اگھ ڪيرائي لکين ھارين ۽ آبادگارن کي بدحال بنائي ڇڏيو آھي. غربت جي شرح وڌي رھي آھي. پيپلز پارٽي حڪومت زراعت جي بحالي نٿي چاھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ جيڪي بہ وڏا فصل لھن ٿا انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪمند، ڦٽيون، ڪڻڪ، ساريون ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. پاڻي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙ آباد زمين ڀڙڀانگ ٿي آھي. انھي صورتحال جو ازالو ھاري ڪارڊ جاري ڪرڻ سان نٿو ٿي سگھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين جو سالانا ڪروڙين ۽ اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو. ھر چوٿين ۽ پنجين سال برساتي ۽ درياھي ٻوڏ جي تباهين بہ وڏو نقصان ڪيو آھي، جنھنڪري لکين ھاري ۽ آبادگار پوئتي ھليا ويا آھن. انھن آبادگارن ۽ ھارين جي بحالي لاءِ کين نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي. مفت ٻج، زرعي دوائون ڏنيون وڃي. زرعي اوزار سستا ۽ قسطن تي ڏنا وڃن. بي زمين ھارين ۾ مفت زمين ورھائي وڃي. زرعي سڌارن سان سنڌ ۾ خوشحالي ۽ ترقي ايندي. باقي ھارين کي فقير بنائڻ واريون سازشون بند ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ھاري ڪارڊ
سنڌ حڪومت
سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے