ٽنڊو الهيار واسي جوڙي جو تحفظ لاءِ ملير ۾ احتجاج

گلزار سان نڪاح ڪيو آهي، مائٽن مان خطرو آهي: ناري

ٽنڊو الهيار واسي جوڙي جو تحفظ لاءِ ملير ۾ احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٽنڊو الهيار جي طالب المولي ڪالوٽ سان تعلق رکندڙ پريمي جوڙو حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي ويو، جتي نوجوان گلزار علي رند ۽ سندس گهرواري سائره خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هنن شريعت محمدي تحت نڪاح ڪيو آهي ۽ ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو گلزار علي رند وڌيڪ چيو ته سندس گهرواري سائره جي مائٽن طرفان کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب هو سخت خوف ۽ بيچيني ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن اختيارين کان فوري تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ناري سائره خاصخيلي چيو ته هن پنهنجي مرضي سان گلزار علي سان شادي ڪئي آهي ۽ کيس ڪنهن به اغوا ناھي ڪيو هن الزام هنيو ته سندس مائٽ محمد حسن، مجيد، سمير علي ۽ خالق سندن جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کين ڪنهن به قسم جو نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ماڻهو هوندا ھنن چيو ته اسان تحفظ لاء سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي آھي جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهن