English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ٻارن ۾ غذائي کوٽ پوري ڪرڻ بابت ضلعي ڪاميٽي جي گڏجاڻي
views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي
نوشهروفيروز (ڊ ر)ٻارن ۾ غذائي کوٽ پوري ڪرڻ بابت ضلعي ڪاميٽي جي ھڪ گڏجاڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿي . گڏجاڻي ۾ ريجنل ايگريڪلچر ڊولپمينٽ (راڊو) ، ڌرتي ڊولپمينٽ فائونڊيشن ، عوامي فلاح بھبود سميت مختلف سماجي تنظيمن ، پاپوليشن ويلفيئر کاتي، صحت کاتي ، پي پي ايڇ آء ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي .ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي چيو ته ھر کاتو پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪري ۽ ان جي گڏجاڻي ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي.ان چيو ته غذائي کوٽ جو شڪار ٻار جو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي ، ھن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن تي زور ڀريو ته ٻارن ۾ نيوٽريشن (غذائي کوٽ) کي ختم ڪرڻ لاء اثرائتا قدم کڻن ته جئين غذائي کوٽ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ان چيو ته ڪوآر ڊينيشن جي گيپ کي ختم ڪرڻ لاء واٽس اپ گروپ ٺاھيو وڃي ته جئين بھتر رابطي کي يقيني بڻائي سگهجي ھن هدايت ڪئي ته سڀئي لاڳاپيل آفيسر گڏجاڻي کان ھڪ ھفتو اڳ پنهنجي رپورٽ ڊي سي آفيس وٽ جمع ڪرائين ۽ زور ڀريندي چيو تہ غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي . ان کان اڳ مختلف سماجي تنظيمن جنهن ۾ صحت کاتو ، پاپوليشن ويلفئير کاتي سميت مختلف سماجي تنظيمن جن ۾ راڊو ، ڌرتي ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ عوامي فلاح بھبود شامل آھن پنهنجي ڪاڪردگي رپورٽ گڏجاڻي آڏو پيش ڪئي ، گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جو ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفئير آفيسر محمد اسماعيل ڪلھوڙو اين جي اوز جو غلام مصطفى آڪاش ، فقير وريام ھيسباڻي ، لوڪل گورنمنٽ خليل احمد ميمڻ شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jul 2025
•
پاکستان
وفاقی وزیر چوہدری سالک حسین کا ورکرز ویلفیئر فنڈ بزنس سینٹر کا افتتاح
11th Jul 2025
•
تازہ ترین
لیاری واقعہ: پولیس رپورٹ میں سندھ بلڈنگ کنٹرول اتھارٹی کے چھ ڈائریکٹرز سمیت 14 افراد کو ذمے دار قرار دے دیا گیا
11th Jul 2025
•
تازہ ترین
بلوچستان واقعه، صدر اور وزیراعظم کا ردعمل
11th Jul 2025
•
تازہ ترین
بلوچستان میں پنجاب سے تعلق رکھنے والے 9 مسافروں کا قتل: شناختی کارڈ دیکھ کر بسوں سے اتار کر گولیاں مار دی گئیں
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ۾ اجلاس
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 2 ارب 28 ڪروڙ 4 هزار 754 رپين جي بجيٽ منظور
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
فاروق احمد بجاراڻي ايس ايس پي ٺٽو طور چارج سنڀالي ورتي
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
غذائي کوٽ
0 تبصرے