English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ٻارن ۾ غذائي کوٽ پوري ڪرڻ بابت ضلعي ڪاميٽي جي گڏجاڻي
42 views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي
نوشهروفيروز (ڊ ر)ٻارن ۾ غذائي کوٽ پوري ڪرڻ بابت ضلعي ڪاميٽي جي ھڪ گڏجاڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿي . گڏجاڻي ۾ ريجنل ايگريڪلچر ڊولپمينٽ (راڊو) ، ڌرتي ڊولپمينٽ فائونڊيشن ، عوامي فلاح بھبود سميت مختلف سماجي تنظيمن ، پاپوليشن ويلفيئر کاتي، صحت کاتي ، پي پي ايڇ آء ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي .ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي چيو ته ھر کاتو پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪري ۽ ان جي گڏجاڻي ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي.ان چيو ته غذائي کوٽ جو شڪار ٻار جو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي ، ھن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن تي زور ڀريو ته ٻارن ۾ نيوٽريشن (غذائي کوٽ) کي ختم ڪرڻ لاء اثرائتا قدم کڻن ته جئين غذائي کوٽ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ان چيو ته ڪوآر ڊينيشن جي گيپ کي ختم ڪرڻ لاء واٽس اپ گروپ ٺاھيو وڃي ته جئين بھتر رابطي کي يقيني بڻائي سگهجي ھن هدايت ڪئي ته سڀئي لاڳاپيل آفيسر گڏجاڻي کان ھڪ ھفتو اڳ پنهنجي رپورٽ ڊي سي آفيس وٽ جمع ڪرائين ۽ زور ڀريندي چيو تہ غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي . ان کان اڳ مختلف سماجي تنظيمن جنهن ۾ صحت کاتو ، پاپوليشن ويلفئير کاتي سميت مختلف سماجي تنظيمن جن ۾ راڊو ، ڌرتي ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ عوامي فلاح بھبود شامل آھن پنهنجي ڪاڪردگي رپورٽ گڏجاڻي آڏو پيش ڪئي ، گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جو ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفئير آفيسر محمد اسماعيل ڪلھوڙو اين جي اوز جو غلام مصطفى آڪاش ، فقير وريام ھيسباڻي ، لوڪل گورنمنٽ خليل احمد ميمڻ شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Mar 2026
•
سندھ
کرائم رپورٹر ایسوسی ایشن کراچی کی جانب سے مقامی حال میں افطار اور ڈنر کا اہتمام کیا گیا آئی جی سندھ اور معزز شخصیات کی شرکت
17th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تڪليف عارضي، شاهڪار هميشه لاء
17th Mar 2026
•
شوبز
آسکر ایوارڈز تقریب میں فلسطین کی آزادی کے نعرے، پریانکا چوپڑا کی خاموشی پر تنقید
17th Mar 2026
•
تازہ ترین
نتن یاہو کو زندہ ثابت کرنے کے لیے جاری کی گئی تیسری ویڈیو پر بھی شک
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ايرانين کان سکو، صبر، دليري ۽ طويل، منظم ۽ بيخوف مزاحمت مخالفن کي ٿڪائي وجھندي آھي: اياز لطيف پليجو
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، فراڊ ذريعي پنجاب مان آندل عورت بازياب، جوابدار گرفتار
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سينيئر صحافي حمزو پنھور جو اوچتو وڇوڙو، علائقي ۾ سوڳ جو اعلان
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
غذائي کوٽ
0 تبصرے