عمرڪوٽ: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گرفتار جوابدار گهرن مان سونا زيور، سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ وارين وارداتن ۾ ملوث آهن؛ سي آءِ اي انچارج خليل ڪنڀر

عمرڪوٽ: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس عمرڪوٽ طرفان گرفتار ٿيل ٻن ڄڻن کان جاچ دوران چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ گهر کي کاٽ لڳڻ دوران چوري ٿيل سون بيٽري سولر پليٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪيس داخل خبر موجب سي آء اي عمرڪوٽ جي انچارج خليل ڪنڀر، ايس ايڇ او غلام نبي شاھ نور محمد نوحاڻي، ايس ايڇ او ڍورونارو رياض لغاري سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڍورنارو ويجهو ڳوٺ کڻهار ۾ گهر کي کاٽ هڻڻ دوران گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن عبدالغفور عرف گپو ملاح ۽ رضا محمد عرف گٽن ملاح کان جاچ ڪري 10 ڏينهن اڳ ابراهيم سميجو جو چوري ٿيل موٽرسائيڪل سولر پليٽ بيٽري ۽ ڳوٺ غازي سمون ۾ احمد سمون جي گهران چوري سون ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪري ٻن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته ڍورنارو ويجهو ڳوٺ کڻهار ۾ گهر کي کاٽ هڻڻ دوران گرفتار ٻن جوابدارن عبدالغفور عرف گپو ملاح ۽ رضا محمد عرف گٽن ملاح کان جاچ دوران چوري ٿيل موٽرسائيڪل سولر پليٽ بيٽري سون چاندي ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن عبدالغفور عرف گپو ملاح مٿان مختلف ٿاڻن تي چوري ۽ ڦر جا پنج ڪيس ۽ رضا محمد عرف گٽن ملاح مٿان غلام نبي شاه ۽ ڍورنارو ٿاڻي ٿي چوري ۽ ڦر جا چار ڪيس داخل ٿيل آهن ھنن وڌيڪ چيو ته هٿ آيل سامان ڌڻين حوالي ڪري جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا