شڪارپور ۾ 25 بي پهچ جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون، تقريب منعقد

شيعا علماءِ ڪائونسل، ورلڊ فيڊريشن حسينيه فائونڊين ۽ محسن فوزيه جعفر فائونڊين جي سهڪار سان تقريب منعقد

شڪارپور ۾ 25 بي پهچ جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون، تقريب منعقد

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ اجتماعی شادین جي تقریب ڪوٺائي وئي شيعا علماءِ ڪائونسل شڪارپور جي ضلعي صدر علي احمد ٻرڙو سندس جماعت طرفان ورلڊ فیڊریشن حسینی فائونڊین ۽ محسن فوزیہ جعفر فائونڊین جي سھڪار سان حجت الاسلام والمسلمين علامہ عبدالمجيد بھشتي پرنسپل مدرسہ جواديا لکي غلام شاه جن جي سرپرستی ۾ شڪارپور جي مقامي المھراڻ شادی ھال ۾ 25 بي پھچ جوڙن جون اجتماعي شادين واري تقريب منعقد ڪئي وئي جتي 25 جوڙن جو نڪاح پڙھائي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪرائي وئي کين قيمتي گفٽ ڏنا ويا تقريبن شادي ٿيندڙ جوڙن ۾ ھر ھڪ جوڙي کي ھڪ لک کان وڌيڪ ضروري سامان جو ڏاج پڻ ڏنو ويو شادي تقريب ۾ حسینی فائونڊیشن جو مرڪزي اڳواڻ محترم سید آصف حسین نقوی، حجت الاسلام والمسلمين علامہ مومن حسین ۽ ٻين پاران خصوصی شرڪت ڪئي وئي اجتماعي شادي دعوت ۾ شھر جي معززين سياسي سماجي اڳواڻن شڪارپور بچايو تحريڪ جو وفد چيئرمين لاھي بخش شيخ ، وائيس چيئرمين علي احمد برڙو ، جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب ڪاغذي ، علامه صاحبزاده فضل الله نوراني ، ڪامريڊ احسان جيھو جڏھن ته جوڙن جي والدين کان علاوہ مقامي شھرين پاران شرڪت ڪئي وئي اڳواڻن پاران تقريب ۾ اجتماعي شادين ۾ شريڪ ٿيندڙ جوڙن کي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ۾ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو ويو تقريب کي مختلف اڳواڻن ، علماء اڪرام مقررين پاران خطاب ڪيو ويو آخر ۾ دعا خير گھري وئي.