درياخان مري ۾ نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش

درياخان مري ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين عبدالحق خاصخيلي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي: سينئر صحافي اختر خاصخيلي

درياخان مري ۾ نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش

درياخان مري (رپورٽر) درياخان مري ٽائون ڪميٽي جي وائس چيئرمين عبدالحق خاصخيلي پاران نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي اختر خاصخيلي جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش، سينئر صحافي ۽ نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر اختر خاصخيلي الزام لڳائيندي چيو آهي ته ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين عبدالحق خاصخيلي سندس پلاٽ تي بيٺل جهنگ رات جي اونداهي ۾ ڪٽرائي ڇڏيو، جڏهن ته هو اختر خاصخيلي، سندس والد ۽ ڀائرن کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيو آهي، اختر خاصخيلي جو چوڻ هو ته وائس چيئرمين اڳ سئوٽن تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو، جنهن جو مٿس ڪيس داخل ٿيل آهي، هن پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوت ڪئي، جيڪو ڪورٽ سڳوري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي، اختر خاصخيلي الزام لڳائيندي چيو ته وائيس چيئرمين ۽ سندس پٽ بنا لائسنس جي هٿيار کڻي گهمندا پيا وتن، ڪو به کانئن پڇڻ وارو ناهي.