ھندوستان جو عالمي شهرت يافتہ بزنس ٽائيڪون "رتن ٽاٽا"

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ

ھندوستان جو عالمي شهرت يافتہ بزنس ٽائيڪون

توهان زندگيءَ ۾ ضرور ٽاٽا ڪمپنيءَ جو نالو ٻڌو هوندو. جڏهن هندوستان ۾ ڪو ماڻهو گاڏيءَ ۾ سفر ڪندو تہ ٽاٽا ڪمپنيءَ جي گاڏيءَ ۾ سفر ڪندو، اگر هوائي سفر ڪندو تہ ستارا ايئر لائين ۽ انڊين ايئر لائن، اگر ڪنهن وڏي هوٽل ۾ رهندا تہ تاج محل هوٽل ۾ ڪپڙن پائن ٿا تہ بہ ٽاٽا ٽيڪسٽائل سندن جو ويسٽ سائيٽ برانڊ هوندو .اگر سون پائن تہ تنشڪ جيولري برانڊ، چانهہ پيئڻ وقت ٽاٽا ٽي ۽ ٽيٽلي ٽي،کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ لوڻ ٽاٽا سالٽ. ان کان علاوه ٽاٽا اسٽيل، ٽا ٽا ڪنسلٽنسي سروسز تقريبن سئو کان وڌيڪ ڪمپنيون ٽاٽا گروپ ۾ شامل آهن.انهيءَ ڪمپنيءَ کي انهيءَ عروج تائين پهچڻ ۾ تقريبن 200 سال جو عرصو لڳو آهي. ٽاٽا ڪمپنيءَ جو بزنس لڳ ڀڳ 100 ملڪن تائين ڦهليل آهي، جن جي ماليت هن وقت بہ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. رتن ٽاٽا جو جنم 1938عيسوي ۾ ٿيو. جڏهن هن جي عمر ڏھ سال هئي تہ سندن والدين ۾ طلاق ٿي وئي.هن شروعاتي تعليم ممبئي مان حاصل ڪئي.وڌيڪ تعليم لاءِ آمريڪا ويو. رتن ٽاٽا ست سال آمريڪا ۾ رهيو جتان هن ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان آرڪيٽيڪچر ۽ انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. اعلي تعليم مڪمل ڪري هندوستان آيو. سن 1991 عيسويءَ ۾ رتن ٽاٽا کي پنهنجي چاچي جي آر ڊي ٽاٽا جانشين چونڊيو، جنهن کانپوءِ رتن ٽاٽا دنيا ۾ پنهنجي ڪمپنيءَ کي بلندي تائين پهچائي ڇڏيو. جنهن جا مثال شايد دنيا تا قيامت ڏيندي رهندي.رتن ٽاٽا جيتوڻيڪ هڪ ڪامياب بزنس مين هوندي بہ عيش عشرت جي زندگيءَ کان دور ۽ سادگيء طرف مائل رهيو. اڪثر جهازن ۾ سفر دوران بہ پنهنجو بريف ڪيس يا فائل وغيره پاڻ کڻندو هو، ڪڏهن بہ انهيءَ ڪم لاءِ ڪو ملازم نہ رکيائين. جهاز جي سفر دوران اڪثر بليڪ ڪافي پيئڻ جي خواهش ڪندڙ رتن ٽاٽا کي اگر بليڪ ڪافي نہ ملندي هئي تہ بہ ڪڏهن چِڙ يا ڪاوڙ جو اظهار نہ ڪندو هو، اها ڳالهه هڪ سروي رپورٽ ۾ ظاهر ڪئي وئي هئي. گريش ڪبير جنهن ٽاٽا گروپ آف ڪمپنيز تي هڪ ڪتاب "دي ٽاٽا هائو اي فيملي بِلٽ اي بزنس اينڊ اي نيشن" لکيو جنهن ۾ هو ذڪر ڪري ٿو تہ جڏهن رتن ٽاٽا ڪمپنيءَ جون واڳون سنڀاليون، تہ سندس آفيس جو عاليشان ڪمرو سيٽ ڪيو ويو پر هو انهيءَ عاليشان ڪمري ۾ ويهڻ بجاءِ هڪ سادي آفيس ٺاهي ان ۾ ڪم ڪار ڪندو هو. رتن ٽاٽا وٽ ٻہ جرمن شيفرڊ ڪتا هئا جن سان هو بي پناھ محبت ڪندو هو انهن ڪتن جا نالا "ٽيٽو" ۽ " ٽينگو" هئا. مشهور بزنس مين ۽ مصنف سهيل سيٺ هڪ واقعو بيان ڪري ٿو تہ " 6 فيبروري 2018 عيسوي تي انگلينڊ جي شهزادي چارلس بڪنگهم پئلس ۾ رتن ٽاٽا کي راڪ فيلر فائونڊيشن لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ چاهيو پئي، تقريب کان ڪجھ ڪلاڪ پهريان رتن ٽاٽا تقريب ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پڇڻ تي اهو معلوم ٿيو تہ سندس جو ڪتو" ٽيٽو" بيمار ٿي پيو آهي.وقت جي پابندي ڪري رتن ٽاٽا مشهور رهيو. روزانو 6:30 بجي شام جو آفيس مان گهر لاءِ نڪري ويندو هو. اگر ڪو ماڻهو دفتر جي ڪم جي ڳالھ سندس گهر يا فون تي ڪندو هو تہ هي ناراضگيءَ جو اظهار پڻ ڪندو هو. آچر تي هي اڪثر پنهنجي فارم هائوس تي سڄو ڏينهن گذاريندو هو ۽ ماڻهن سان ميل ميلاپ بلڪل نہ ڪندو هو. رتن ٽاٽا جڏهن ڪاروبار سنڀاليو تہ ماڻهن کي بلڪل بہ يقين نہ پئي آيو ته ايڏو وڏو ڪاروبار ڪيئن سنڀالي سگهندو؟ پر2000ع هن دنيا کي تڏهن حيران ڪيو جڏهن هن انگلينڊ جي ڪمپني ٽيٽلي خريد ڪئي جنهن جي ماليت هن جي ڪل ملڪيت کان بہ ٻيڻي هئي. 2010ع ۾ رتن ٽاٽا هڪ وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پيو جڏهن هن جي ۽ لابيسٽ نيرا راڊيا جي ٽيليفون تي ڪاروباري ۽ راضداري واري فون ليڪ ٿي. رتن ٽاٽا 2020ع ۾ پنهنجي سون جي برانڊ "تنشق" جي هڪ اشتهار ۾ تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو جنهن ۾ هندوستان جي سڀني مذهبن کي گڏ ڏيکاريو ويو،جنهن تي ڪمپنيءَ کي معذرت ڪرڻي پئي. هاڻي ڏسجي تہ ٽاٽا گروپ آف ڪمپنيز جو جانشين ڪنهن کي مقرر ڪيو ويندو،ڇو تہ رتن ٽاٽا پنهنجي زندگيءَ ۾ شادي نہ ڪئي انڪري سندس ڪوبہ جانشين ناهي. باقي ڪافي مضبوط اميدوار آهن جيڪي ٽاٽا گروپ آف ڪمپنيز جون ذميواريون سنڀاليندا. انهن اميدوارن ۾ نوئل ٽاٽا جيڪو رتن ٽاٽا جو نڳو ڀاءُ آهي،هڪ مضبوط اميدوار آهي جيڪو ٽاٽا ڪمپنيز جي ڪافي بورڊز جو ميمبر پڻ آهي. نوئل ٽاٽا جا ڪمپنيءَ ۾ 60 پرسنٽ شيئرز ٻڌايا وڃن پيا.