سجاول بوائز ڊگري ڪاليج ۾ نشي واپرائڻ سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاء سيمينار منعقد

سيمينار کي پرنسپل پروفيسر محمد حسن ڀٽي، پروفيسر اديب راتار ۽ ٻين خطاب ڪيو

سجاول بوائز ڊگري ڪاليج ۾ نشي واپرائڻ سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏيڻ لاء سيمينار منعقد

سجاول (رپورٽر)گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول ۾ نشي واپرائڻ جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاء هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ڪاليج جي شاگردن کي نشي واپرائڻ جي سبب ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻ ڏني وئي. سيمينار کي ڪاليج جي پرنسپل پروفیسر محمد حسن ڀٽي. پروفيسر اديب راتار. پروفيسر نعيم الدين شيخ احمد علي سومرو. پروفیسر سيد افتخار شاھ. دائود امر. ۽ ٻين خطاب ڪيو. انھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته نشو هڪ اهڙي لعنت آهي جنھن ۾ نسلن جون نسلون تباھ ٿيو وڃن. انھن چيو ته هر ماڻھون کي نشي کان بچڻ کپي خاص ڪري هن وقت جي نوجوانن کي ان کان پري رهڻ گهرجي. انھن چيو ته تعليم کان پوء جيڪو وقت بچي ان ۾ رانديون يا ٻيون ڪي ڏهڻي سرگرميون ڪرڻ گھرجن. انھن وڌيڪ چيو ته اڄ جا نوجوان ملڪ جو سرمايو آھن انھن کي گھرجي تہ پنھنجي صحت جي حفاظت ڪن. سيمينار ۾ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي