باقراڻي ويجهو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ ڀاءُ ڀيڻ قتل، سندن امڙ زخمي

ڳوٺ حيدر بروهي ۾هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ ڀاءُ ڀيڻ قتل، سندن امڙ زخمي ٿي پئي

باقراڻي ويجهو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ ڀاءُ ڀيڻ قتل، سندن امڙ زخمي

باقراڻي (رپوٽر) گذريل رات دير سان باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر بروهي ۾ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي نديم بروهي جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا،گوليون لڳڻ سبب گهرڌڻي 40 ورهين جو نديم ولد مرحوم الاهي بخش بروهي، سندس ڀيڻ 32 ورهين جي فضيلا ڌي مرحوم الاهي بخش بروهي تڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته سندس امڙ 60 ورهين جي مسمات قائم خاتون بروهي سخت زخمي ٿي پئي اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي ٿاڻي باقراڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي وئي ۽ زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ مسمات قائم خاتون بروهي ڳوٺ حيدر بروهي واسي استاد دوست محمد بروهي سان پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن بعد ڌرين ۾ تڪرار هو بعد ۾ اهڙي معاملي جو راڄوڻي ٺاھ پڻ ڪيو ويو هو ڌريون کير کنڊ ٿي ويون هيون ، اهڙي واقعي بعد ڳوٺ ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، زخمي عورت پ پ اڳواڻ مير سائين بخش بروهي جي وڏي ڀيڻ ۽ فوتي ڀاءُ ڀيڻ سندس ڀاڻج آهن