ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 2ڄڻا قتل، 7 ڄڻا شديد زخمي

نور خان ڳوٺ ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن گھر ۾ گهڙي گوليون هڻي بيبي زال رفيق کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ عورت سميت 2ڄڻا قتل، 7 ڄڻا شديد زخمي

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي. سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد نور خان ڳوٺ ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي عورت مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 26 ورھين جي عورت بيبي زال رفيق ٿڏي تي فوت ٿي وئي. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته واقعيو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آھي. ٻه اڻڃاتل جوابدار گھر ۾ داخل ٿيا جن بورچي خاني ۾ بيٺل عورت مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. گوليون لڳڻ ڪري عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي. ٻي طرف ڪراچي جي دلدار عمراڻي ڳوٺ بلاڪ ڊي انس مسجد ڀرسان پلاٽن جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۽ ڇريون لڳڻ ڪري ھڪ ڄڻو فوت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 20 ورھين جو محمد شھزاد پٽ محمد اڪرم طور ڪئي وئي آھي. جڏھن ته زخمين ۾ 22 ورھين جو فھد پٽ احمد اللھ. 17 ورھين جو رياض پٽ حسن. 26 ورھين جو نياز پٽ جان محمد. 27 ورھين جو تنوير پٽ نظير احمد. 60 ورھين جو عبدالرسول پٽ مھر. 7 ورھين جو معصوم ٻارڙو عمر ولد الطاف. 22 ورھين جو عبدالله ولد نور شاھ زخمي ٿي پيا. جھيڙي دوران ڇريون. ڏنڊا ۽ فائرنگ سبب پورو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. اطلاع کانپوء سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي جي پوليس پھچي ٻنھي ڌرين جي زخمين ۽ فوتي کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ٻنھي ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ھلندڙ آھي ھڪ ڀيرو پھرين به ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙي دوران ٻه ماڻھو زخمي ٿي پيا جنھن جو ڪيس سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي