ڳوٺ حيدر بروهي ۾ گهر تي حملي دوران نديم بروهي ۽ سندس ڀيڻ فضيلا قتل ۽ سندن امڙ قائم خاتون زخمي ٿي پئي هئي
باقراڻي(رپورٽر) باقراڻي ۾ سومر واري رات دير سان باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر بروهي ۾ هٿياربندن پاران گهر تي حملي دوران فائرنگ سبب بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ جي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو ۾ داخل ٿيل زخمي امڙ 52 ورهين جي مسمات قائم خاتون بروهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ، اهڙي اطلاع ملڻ تي حد جي ٿاڻي باقراڻي جي پوليس ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي پهچي مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي وئي ، فائرنگ ۾ قتل ٿيل مقتولن جي تعداد 3 ٿي وئي آهي ، ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سومر واري رات جو هٿياربندن ڳوٺ حيدر بروهي ۾ پ پ اڳواڻ مير سائين بخش بروهي جي ڀاڻج نديم بروهي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 31 ورهين جو نوجوان نديم بروهي سندس ڀيڻ فيضلان بروهي تڏي تي ئي قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته سندن امڙ مسمات قائم خاتون بروهي سخت زخمي ٿي پئي هئي جيڪا ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي ۾ داخل پڻ ھئي، مليل ڄاڻ موجب مقتولا عورت مسمات قائم خاتون بروهي هڪ سال اڳ پنهنجي ڳوٺ جي رهواسي دوست محمد بروهي سان پسند جي شادي ڪئي هئي جيڪا هاڻ تازو طلاق پڻ ٿئي هئي، جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي جوابدار دوست محمد بروهي سميت 10 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي
0 تبصرے