ڊي سي ٺٽو پاران گهوڙا ٻاري ۽ ور شهر جي مختلف علائقن جا هنگامي دورا

ڊي سي ٺٽو پاران گهوڙا ٻاري ۽ ور شهر جي مختلف علائقن جا هنگامي دورا

ڊي سي ٺٽو پاران گهوڙا ٻاري ۽ ور شهر جي مختلف علائقن جا هنگامي دورا

ٺٽو (شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو گهوڙاٻاري ۽ ور شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو ورتو ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو تعلقي گهوڙاٻاري جي شھرن سانولپور ۽ چوهاڻ محلا سميت ٻين مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي گهوڙا ٻاري جو چيئرمين رمضان پنھور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر مختلف ڊسپوزل اسٽيشنن جو معائنو ڪيو ۽ ٽائون ڪميٽي سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن جي موجودگي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي هُن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هُن گهوڙاٻاري جي ڪچي واري علائقي جو پڻ دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ور شهر جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي چيئرمين يونين ڪائونسل ور پڻ موجود هو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته ور شهر سميت ٻين ھيٺاھين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن کي مشڪلاتن کان بچائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوري ضلعي ۾ صفائي سٿرائي ۽ نيڪال جو ڪم ھلندڙ آهي ۽ سمورن ڊسپوزل اسٽيشنن جي ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪال واري عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ آفيسر شهر جي صفائي سٿرائي ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن.