English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن پاران مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جا دورا
views
|
05th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن پاران مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جا دورا
ٺٽو (ڊ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، زهرا جاکرو سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سنڌيا خاصخيلي ٺٽو، مڪلي، گهارو، ميرپور ساڪرو، ٻھارا سميت مختلف ڳوٺن جا دورا سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عورت ڪانفرنس جون دعوتون ڏنيون عورتن پاران سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن جو شاندار استقبال ڪري کين اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ۽ عورت ڪانفرنس ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي چيو تہ هن سماج ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ عورت ڪيترين ئي اذيتن کي ڀوڳي ٿي۔ ڪڏهن کيس ٺلها ڪوڙا الزام هڻي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو تہ ڪٿي زوري مذهب مٽرايو وڃي ٿو تہ ڪڏهن وري کيس جيئرو ساڙيو وڃي ٿو تہ ڪٿي حق بخشرائي، قرآن سان شادي ڪرائي ٿي وڃي تہ ڪٿي وري ڏنڊ، خون بها ۾ بدو ڪري ڏني وڃي ٿي. ان جي انسان طور حيثيت مڃي ئي نٿي وڃي. نصرت خاصخيلي چيو تہ پيپلز پارٽي جي گذريل خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ کنڊر بنيل آھي. غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ۽ عورتون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. 16 سال مسلسل اقتدار جا تمام وڏو عرصو آھي، ان عرصي ۾ جيڪڏھن پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ ھر ضلعو ماڊل بنجي وڃي ھا، بھترين ڊرينيج سسٽم ھجي ھا، صفائي جو نظام بھترين ھجي ھا، اسڪول مال جا وٿاڻ ھجڻ بدران اعليٰ تعليمي درسگاھون ھجن ھا، وڏا شھر آئي ٽي سٽي جي سڃاڻپ بنجي چڪا ھجن ھا، روزگار جا بيشمار وسيلا ھجن ھا، زرعي معيشت پنھنجي پيرن تي بيٺل ھجي ھا، بنيادي صحت مرڪزن ۾ بھترين علاج جون سھولتون ھجن ھا پر جمھوريت ۽ اٽي، لٽي ۽ اجھي جي نالي ۾ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي ڪروڙين عوام سان دوکو ڪيو. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ محرومي عوام جا مقدر بنايا ويا آھن. ماڻھو تعليم جي حق کان محروم آھن. صحت ۽ بھتر علاج کان محروم آھن. امن امان خواب بڻيل آهي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سنڌيا خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي. 2018 جي اليڪشن ۾ زرداري کي سنڌ پليٽ ۾ رکي ڏني وئي. پيپلز پارٽي جي 16 سالن جي حڪومت سنڌ کي ترقي بدران ڪرپشن، منشيات، بدامني لاقانونيت ذريعي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو سنڌي ماڻهن کي زورگار ڏيڻ بجاءِ کين پنڻ تي مجبور ڪيو ويو. پنهنجي جائز مطالبن جي لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن، شاگردن،ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسن، ڊاڪٽرن آبادگارن، سميت سرڪاري ملازمن کي ڪراچي جي رستن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪيو ويو. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳايو ويو. ٻھارا ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر حبيب الله پليجو سان سندس ڀيڻ جي تعزيت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
20th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو تڪراري ڪئنال رٿا خلاف نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان, سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
سنڌياڻي تحريڪ
نصرت خاصخيلي
زهرا جاکرو
0 تبصرے