عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پري ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي

عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پري ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي

عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پري ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي

عمرڪوٽ(رپورٽر)عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران سنڌ جي پٺتي پيل ضلعي عمرڪوٽ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رھندڙ جدوجهد ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرا رھندڙ 300 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان انھن جي بھتر نشو نما لاءِ پي ايم ڊي سي پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل اينڊ ڪاليج جي سيليبس تحت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن ٽيسٽ کي عمرڪوٽ جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ساراھيو ويو ۽ عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس کي جنرل ۽ ميڊيڪل سيلبس تحت ٽيسٽون ڪرائڻ تي داد ڏني وئي، تفصيل موجب عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران گذريل پنجن سالن کان شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ ساڀيان ڪرائڻ لاءِ پنھنجي ٽيسٽنگ سروس جي خدمتن کي برقرار رکندي ھن دفعي بہ عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جي سيليبس مطابق ٽيسٽيون ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران ھي ڇھين سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ورتي وئي آھي جنھن جو مقصد پري ميڊيڪل جي شاگردن کي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ متعلق ڄاڻ فراھم ڪرڻ آھي تہ ٽيسٽ جو حقيقي پيٽرن ڇا ھوندو آھي جنھن سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون باآساني سان ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پري ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ڏئي سگھن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس چندر پرڪاش ميگھواڙ، آرگنائيزر، منظور ڪنڀر، ھشمت راءِ ۽ ميوارام پرمار، شھرين سماجي شخصيتن ريجھو مل بچواڻي، ڀيمراج چناڻي ۽ ٻين چيو تہ پي ايم ڊي سي جي سيليبس تحت شاگردن شاگردياڻين کان سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ ورتي آھي جنھن ۾ پري ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جي پيٽرن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اھو خبر پوندي تہ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ڪھڙي طريقي سان ٿيندي آھي انھي ۾ ٽائيم ڪيترو ڏنو ويندو آھي ٽيسٽ جو طريقيڪار ڇا ھوندو آھي انھي جو پيٽرن ڪھڙو ھوندو آھي ۽ اھڙين ٽيسٽن سان ٻار جي نشو نما ۾ اضافو ٿيندو انھي ٽيسٽ وٺڻ سان ٻار ۾ سيلف ڪانفيڊينس پيدا ٿيندو جيڪو بنا ڪنھن جھجھڪ جي ٽيسٽ آساني سان ڏيندو ھنن چيو تہ اڳر اھڙيون ٽيسٽون سنڌ جي ھن پٺتي پيل علائقي عمرڪوٽ ۾ ٿينديون رھيون تہ شاگرد شاگردياڻيون باآساني يونيورسٽين جون ٽيسٽون ڏيندا ۽ تعليمي ميدان ۾ اڳتي ايندا ھنن وڌيڪَ چيو تہ عمرڪوٽ سموري سنڌ ۾ تعليمي ميدان ماري ويٺو آھي ھي ضلعو ھن وقت تعليمي دنيا ۾ سڀني کان اڳڀرو آھي اڳر ھتي جي نوجوان شاگردن توڙي شاگردياڻين کي صحيح رستو ڏيکاريو وڃي تہ ھي پنھنجي محنتن سان دنيا ۾ پنھنجو پنھنجي والدين ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻي طرف شاگردن ۽ شاگردياڻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران يونيورسٽين جي سيليبس تحت ٽيسٽ ڪنڊڪٽ ڪرائڻ تمام بھترين عمل آھي انھي سان اسان کي يونيورسٽين جي ٽيسٽ پيٽرن سميت ٽائيم ۽ ٽيسٽ جي طريقيڪار بابت معلومات ملي ٿي اھڙيون سرگرميون عمرڪوٽ ضلع ۾ ٿيڻ گھرجن جنھن سان شاگردن کي معلومات ملي انھن ٽيسٽن سان شاگردن جو تجربو ٿيندو جنھن سان ھنن کي اڳتي ھلي پريشاني نہ ٿيندي ۽ اسان اھڙين سرگرمين مان متاثر ٿي اڄ ٽيسٽ ڏيڻ آيا آھيون.