English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پري ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي
71 views
|
11th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پري ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽر)عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران سنڌ جي پٺتي پيل ضلعي عمرڪوٽ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رھندڙ جدوجهد ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرا رھندڙ 300 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان انھن جي بھتر نشو نما لاءِ پي ايم ڊي سي پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل اينڊ ڪاليج جي سيليبس تحت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن ٽيسٽ کي عمرڪوٽ جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ساراھيو ويو ۽ عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس کي جنرل ۽ ميڊيڪل سيلبس تحت ٽيسٽون ڪرائڻ تي داد ڏني وئي، تفصيل موجب عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران گذريل پنجن سالن کان شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ ساڀيان ڪرائڻ لاءِ پنھنجي ٽيسٽنگ سروس جي خدمتن کي برقرار رکندي ھن دفعي بہ عمرڪوٽ ۾ ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جي سيليبس مطابق ٽيسٽيون ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران ھي ڇھين سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ورتي وئي آھي جنھن جو مقصد پري ميڊيڪل جي شاگردن کي ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ متعلق ڄاڻ فراھم ڪرڻ آھي تہ ٽيسٽ جو حقيقي پيٽرن ڇا ھوندو آھي جنھن سان شاگرد ۽ شاگردياڻيون باآساني سان ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پري ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ ڏئي سگھن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس چندر پرڪاش ميگھواڙ، آرگنائيزر، منظور ڪنڀر، ھشمت راءِ ۽ ميوارام پرمار، شھرين سماجي شخصيتن ريجھو مل بچواڻي، ڀيمراج چناڻي ۽ ٻين چيو تہ پي ايم ڊي سي جي سيليبس تحت شاگردن شاگردياڻين کان سيلف اسيسمينٽ ٽيسٽ ورتي آھي جنھن ۾ پري ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جي پيٽرن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اھو خبر پوندي تہ يونيورسٽيءَ جي انٽري ٽيسٽ ڪھڙي طريقي سان ٿيندي آھي انھي ۾ ٽائيم ڪيترو ڏنو ويندو آھي ٽيسٽ جو طريقيڪار ڇا ھوندو آھي انھي جو پيٽرن ڪھڙو ھوندو آھي ۽ اھڙين ٽيسٽن سان ٻار جي نشو نما ۾ اضافو ٿيندو انھي ٽيسٽ وٺڻ سان ٻار ۾ سيلف ڪانفيڊينس پيدا ٿيندو جيڪو بنا ڪنھن جھجھڪ جي ٽيسٽ آساني سان ڏيندو ھنن چيو تہ اڳر اھڙيون ٽيسٽون سنڌ جي ھن پٺتي پيل علائقي عمرڪوٽ ۾ ٿينديون رھيون تہ شاگرد شاگردياڻيون باآساني يونيورسٽين جون ٽيسٽون ڏيندا ۽ تعليمي ميدان ۾ اڳتي ايندا ھنن وڌيڪَ چيو تہ عمرڪوٽ سموري سنڌ ۾ تعليمي ميدان ماري ويٺو آھي ھي ضلعو ھن وقت تعليمي دنيا ۾ سڀني کان اڳڀرو آھي اڳر ھتي جي نوجوان شاگردن توڙي شاگردياڻين کي صحيح رستو ڏيکاريو وڃي تہ ھي پنھنجي محنتن سان دنيا ۾ پنھنجو پنھنجي والدين ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻي طرف شاگردن ۽ شاگردياڻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ عمرڪوٽ ٽيسٽنگ سروس پاران يونيورسٽين جي سيليبس تحت ٽيسٽ ڪنڊڪٽ ڪرائڻ تمام بھترين عمل آھي انھي سان اسان کي يونيورسٽين جي ٽيسٽ پيٽرن سميت ٽائيم ۽ ٽيسٽ جي طريقيڪار بابت معلومات ملي ٿي اھڙيون سرگرميون عمرڪوٽ ضلع ۾ ٿيڻ گھرجن جنھن سان شاگردن کي معلومات ملي انھن ٽيسٽن سان شاگردن جو تجربو ٿيندو جنھن سان ھنن کي اڳتي ھلي پريشاني نہ ٿيندي ۽ اسان اھڙين سرگرمين مان متاثر ٿي اڄ ٽيسٽ ڏيڻ آيا آھيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Mar 2026
•
سندھ
کرائم رپورٹر ایسوسی ایشن کراچی کی جانب سے مقامی حال میں افطار اور ڈنر کا اہتمام کیا گیا آئی جی سندھ اور معزز شخصیات کی شرکت
17th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تڪليف عارضي، شاهڪار هميشه لاء
17th Mar 2026
•
شوبز
آسکر ایوارڈز تقریب میں فلسطین کی آزادی کے نعرے، پریانکا چوپڑا کی خاموشی پر تنقید
17th Mar 2026
•
تازہ ترین
نتن یاہو کو زندہ ثابت کرنے کے لیے جاری کی گئی تیسری ویڈیو پر بھی شک
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ايرانين کان سکو، صبر، دليري ۽ طويل، منظم ۽ بيخوف مزاحمت مخالفن کي ٿڪائي وجھندي آھي: اياز لطيف پليجو
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، فراڊ ذريعي پنجاب مان آندل عورت بازياب، جوابدار گرفتار
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سينيئر صحافي حمزو پنھور جو اوچتو وڇوڙو، علائقي ۾ سوڳ جو اعلان
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
شاگردن ۽ شاگردياڻين
بوائز ڊگري ڪاليج
0 تبصرے