ڪيميڪل جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪيميڪل انڊسٽريز جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ضروري آهي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪيميڪل جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪيميڪل انڊسٽريز جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ضروري آهي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪيميڪل جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪيميڪل انڊسٽريز جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ضروري آهي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي: صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس بريگيڊيئر عمر فاروق سان سندس آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس بريگيڊيئر عمر فاروق ڪيميڪل انڊسٽري ۾ ڪيميڪلز جي غلط استعمال جي متعلق صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪيميڪل انڊسٽريز جا سمورا تفصيل جمع ڪرڻ ۽ مخصوص ڪيميڪل جي امپورٽ، اسٽوريج ۽ استعمال تي نظر رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته مخصوص ڪيميڪل منشيات ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته جيستائين سمورا ڪيميڪل انڊسٽريز جا انگ اکر موجود نه ٿيندا تيستائين مسئلا حل نه ٿي سگهندا. ان اهم مسئلي تي صنعتڪارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بريگيڊيئر عمر فاروق چيو ته سمورن ڪيميڪل انڊسٽريز جي رجسٽريشن پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪيميڪل انڊسٽريز سان لاڳاپيل صنعتڪار ڪيميڪل جي استعمال جي متعلق ايس او پيز جي مڪمل پابندي ڪن. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ڪيميڪل جي غلط استعمال جي روڪڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. صنعت ۽ واپار وارو کاتو سنڌ هر ممڪن سهڪار ڪندو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي جي سلسلي ۾ صنعتڪارن سان سهڪار جي ضرورت آهي. اها ڳالهه پڻ قابل ذڪر آهي ته پوري پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جتي اين ايف اي (NFA) سنڌ حڪومت جي سهڪار سان پنج اسپتالون منشيات جي عادي ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن.