English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد شيخ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ مارجي ويو، شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار
180 views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد شيخ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ، سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ مارجي ويو، شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو، 8 ڄڻا گرفتار
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي علي محمد شيخ ڳوٺ ۾ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران. ڇڏائڻ تان اوڏ برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ دوران سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو. جيڪو دوران علاج زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. علائقي ۾ شٽر بند ھڙتال. پورو علائقي ۾ سوڳ. وارثن پاران مين سپر ھاء وي تي لاش رکي احتجاج. ڌرڻو. ڪراچي حيدرآباد ويندڙ مين روڊ کي ٽريفڪ لاء بند ڪري ڇڏيو. ھزارين گاڏيون بيھجي ويون. مسافر پريشان. پوليس مک جوابدار سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. وارثن پاران مين سپر ھائي وي تي احتجاج ختم. تفصيل موجب. ڪراچي سائيٽ سپر ھاء وي ٿاڻي جي حد علي محمد شيخ ڳوٺ ۾ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران ڇڏائڻ لاء ويل سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ کي اوڏ برادري جي ھٿياربندن سنڌيون گوليون ھڻي زخمي ڪري وڌو جنهن کي فوري طبي امداد لاء ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي حالت نازڪ ھيب ڪري سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نصرالله شيخ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. مقتول نصرالله شيخ جي فوت ٿيڻ واري خبر علائقي ۾ باھ جيان پيکڙجي وئي. مقتول جا وارث سون جي تعداد ۾ گھرن کان ٻاھر نڪري آيا. اوڏ برادري جي ماڻھن سان جھيڙو فائرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. احسن آباد سميت علي محمد شيخ ڳوٺ. دلدار عمراڻي ڳوٺ جون مين مارڪيٽون بند ٿي ويون. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. پوري علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. مک جوابدار اسلم اوڏ جي گرفتاري لاء مقتول جي وارثن لاش کي سپر ھاء وي تي رکي ٻنھي روڊن کي ٽريفڪ لاء بند ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاھري ۾ اين اي 235 قومي اسيمبلي جو ميمبر اقبال محسود. پانڌي بگٽي. پيپلزپارٽي جو اڳواڻ نديم چانڊيو. سلطان بليدي. سينئير صحافي مشتاق سرڪي سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي چاچي موسي شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آھي اسان جي ڪونڌڙ نوجوان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي. مک جوابدار جي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسين پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين. جڏھن ته سائيٽ سپر ھاء وي پوليس قتل جي مک جوابدار اسلم اوڏ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جنھن کانپوء وارثن مين سپر ھاء وي تان احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. خبر موڪلڻ تائين جوابدارن خلاف ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
علي محمد شيخ
اوڏ برادري
سماجي اڳواڻ نصراللھ شيخ
0 تبصرے