ٽنڊوآدم؛ محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي سانگهڙ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

ٽنڊوآدم؛ محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي سانگهڙ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

ٽنڊوآدم؛ محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي سانگهڙ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

ٽنڊوآدم (حسنين علي ساند) محرم الحرام جي حوالي سان ايس ايس پي سانگهڙ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس. مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جي شرڪت. تفصيل مطابق ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو جي صدارت هيٺ محرم الحرام 2024 جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي پلان جي تياري لاءِ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻنهي مڪاتب فکر جي عالمن، مذهبي اڳواڻن، جلوسن ۽ مجلسن جي منتظمين، عهديدارن خاص شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن تجويزيون ڏنيون ته مجالس جي وقت لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون. ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي عورتن جي مجلسن تي اضافي ليڊي پوليس مقرر ڪئي وڃي، امام بارگاهن کان علاوه مسجدن ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، جلوس جي رستن تان حددخليون پڻ ختم ڪيون وڃن. ان ڳالھ تي به زور ڏنو ته ماضي م شرپسندن جي سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. سڀني شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪندي چيو ته سانگهڙ ضلعو هميشه امن جو گُهڙو رهيو آهي ۽ ٻنهي مڪاتب هميشه انتظاميه جي سهڪار سان ضلعي جي امن امان کي برقرار رکيو آهي ۽ اڳتي به ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو آهي. ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو چيو آهي ته محرم الحرام دوران عزدارن، مجالس، ماتمي جلوسن، مسجدن، امام بارگاهن سميت تمام عبادتگاهن جي حفاظتي قدمن کي مڪمل نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ چيو ته محرم الحرام دوران سهولتن جي فراهمي ۽ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ سمورن مکاتب فکر جا ماڻهو امن امان کي برقرار رکن. محرم جو مهينو اسان کي صبر، قرباني، برداشت، ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو. اجلاس ۾ ڊي ايس پي سيڪيورٽي، پي اي/ پي آر او ٽو ايس ايس پي سانگهڙ، انچارج ڊي آءِ بي شرڪت ڪئي.