شڪارپور ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي، مذھبي اڳواڻ بھ شريڪ

شڪارپور ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي، مذھبي اڳواڻ بھ شريڪ

شڪارپور ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي، مذھبي اڳواڻ بھ شريڪ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور انتظاميا ۽ مذھبي عالمن سان گڏجاڻي ڪئي تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، ڊسٽرڪٽ چيئرمين شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو ڪئي. گڏجاڻي ۾ اي ايس پي شڪارپور عبدالمنيب، ڊي ايس آر رينجرس اعظم خان، ايم ايس لکي غلام شاه ڊاڪٽر خادم ڀٽي، شيعہ، ديوبند، اهلسنت ۽ ٻين اڳواڻن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته محرم الحرام جو مهينو اسان لاءِ احترام جو مھينو آھي اسان کي مذهبي فرقيواريت کان مٿاهون ٿي امن ۽ ڀائیچاري سان رهڻ گهرجي. ان موقعي تي هن چيو ته ضلع شڪارپور ۾ 1255 مجلسون قائم آهن، جن ۾ ڪجھ انتهائي حساس ۽ حساس آهن انهن لاء پوليس پاران سڪيورٽي جي حوالي سان پلان جوڙيو ويو آهي. جيڪي انتهائي حساس آهن انهن تي وڌيڪ سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي حساس ۽ نارمل کي ان جي ضرورت موجب سڪيورٽي ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪي پراڻا روٽ آهن اهي ئي رهندا ۽ ڪنهن نئين روٽ جي اجازت نه هوندي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور گيس ۽ واپڊا عملدارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائيم تبديل ڪيو وڃي ۽ مجلسن جي ٽائيم تي لوڊشيڊنگ نہ ڪئي وڃي. هن چيف ميونسپل آفيسر کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام ۾ عزاداري دوران روڊن تي کليل گٽر بند ڪيا وڃن ۽ روٽن جي صفائي سٿرائي ۽ لائٽنگ جو خاص خيال رکيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هيلٿ کاتي پنهنجو پلان ڏنو آھي جنھن ۾ ڊاڪٽر، ڊسپينسر، دوائون ۽ ايمبولينسون جلوسن سان گڏ ھونديون. ان موقعي تي هن چيو ته شهر ۾ سڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 50 سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ لڳايون وينديون. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته سبيلون جتي اڳ هيون اهي ئي رهنديون. هن چيو ته شهر ۾ ڪو به مشڪوڪ ماڻهون نظر اچي ته ان ئي وقت پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته شهر جي مک بازارن ۾ جيڪا انڪروچمينٽ ٿيل آهي ان کي فوري طور تي هٽايو وڃي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور شيعہ، ديوبند، اهلسنت ۽ ٻين اڳواڻن سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.شيعہ علماء ڪائونسل جي ضلعي صدر احمد علي ٻرڙو چيو ته ضلع شڪارپور ۾ اسان جا رولز ۽ پرمٽ موجب پروگرام ٿيندا. ان موقعي تي هن چيو ته سڀ علماء اڪرام اسان جا محسن آهن. هن چيو ته ضلع ۽ تعلقن ۾ جيڪي به مسئلا درپيش آهن انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي، گيس ۽ بجليءَ جي لوشيڊنگ جو مسئلو آهي انهن کي گذارش آهي تہ هو لوڊشيڊنگ جو ٽائيم تبديل ڪن. هن چيو ته بازارن ۽ روٽن تي انڪروچمينٽ آهي ان کي هٽايو وڃي. احمد علي ٻرڙو چيو ته ضلعي شڪارپور ۾ سڪيورٽي جي صورتحال سان انتهائي حساس آهي ان ڪري سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻن مولانا عبدالله مهر ۽ مولانا مجيب الرحمان چيو ته محرم الحرام جو مهينو اسان لاءِ قابل احترام مهينو آهي ۽ پهرين محرم الحرام تي اسان جو جماڻي هال تي جلسو منعقد ٿيل آھي ان جلسي ۾ اسان جي طرفان ڪا بہ اهڙي تقرير نه ڪئي ويندي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي.